Nafil Rozon Ke Fazail

Book Name:Nafil Rozon Ke Fazail

ماه رجب جون ڪجهه عبادتون

    اي عاشقان رسول! رجب عزت وارو مهينو آهي، ان ۾ خوب عبادت ڪريو! ۞صحابهءِ ڪرام عليهم الرضوان رجب شريف ۾ عمرو ڪرڻ پسند فرمائيندا هئا.([1]) تنهنڪري جنهن کان ٿي سگهي عمرو ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري. خوش نصيبي! الله پاڪ جو مهينو (يعني رجب شريف) الله پاڪ جي پياري رسول، رسول مقبول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ شهر مديني پاڪ ۾ گذارڻ نصيب ٿي وڃي ۞ بزرگن (يعني الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن) جو معمول رهيو آهي ته رجب شريف ۾ فوت ٿيل مسلمانن کي ڪثرت سان ايصال ثواب ڪندا آهن. ايصالِ ثواب 12 مهينا ڪري سگهجي ٿو، البت رجب شريف ۾ ان جو وڌيڪ اهتمام هوندو آهي. خاص ڪري رجب شريف ۾ امام جعفر صادق رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي ايصال ثواب لاءِ ڪونڊَن جو اهتمام ڪيو ويندو آهي، عام طور تي، ماڻهو 21 رجب تي ڪونڊَن جو ختم ڏياريندا آهن، اهو به جائز آهي، البت اصل ۾ ڪونڊن جو ختم 15 رجب تي ٿيندو آهي ڇو ته امام جعفر صادق رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي وصال بابت 15 رجب جو قول ڪيو ويو آهي.([2]) ۞اهڙي طرح رجب شريف ۾ نفل نمازن جي به ڪثرت ڪرڻ گهرجي. حضرت انس رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: رجب ۾ هڪ رات اهڙي آهي جو ان ۾ نيڪ عمل ڪرڻ واري لاءِ 100 سالن جي نيڪين جو ثواب لکيو ويندو ۽ اها رجب جي 27 هين رات آهي. جيڪو ان ۾ 12 رڪعتون اهڙي طرح پڙهي جو هر رڪعت ۾ سورت فاتحه ۽ ڪا به هڪ سورت پڙهي ۽ هر 2 رڪعتن تي التحيات پڙهي ۽ پوري ٿيڻ تي سلام ڦيري، ان کان پوءِ 100 ڀيرا سُبْحَانَ اللہِ وَالْحَمْدُللہِ وَلَا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ وَاللہُ اَکْبِرْ پڙهي، 100 ڀيرا استغفار (مثلاً اَسْتَغْفِرُ اللہ، اَسْتَغْفِرُ اللہ پڙهي)، 100 ڀيرا درود شريف پڙهي ۽ پنهنجي


 

 



[1]...لطائِفُ المعارف، وظیفۃ شہر رجب، الاعتمار فی رجب،صفحہ:169۔

[2]...شواہد النبوۃ، صفحہ:327۔