Nafil Rozon Ke Fazail

Book Name:Nafil Rozon Ke Fazail

Bookmark  به ڪري سگهجي ٿو يعني بار بار پڙهڻ واري سورت يا آيت کي  Bookmarkجي ڪري آسانيءَ سان پڙهي سگهجي ٿو. هي ايپلي ڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري وٺو، پاڻ به فائدو حاصل ڪيو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

بيان کي اختتام طرف آڻيندي هڪ شرعي مسئلو عرض ڪريان ٿو:

درست ڇا آهي؟

(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ موجود غلط فهمي جي نشاندهي)

مسئلو: موزَن (جورابن) تي مسح ڪرڻ جائز آهي

   وضاحت: علماءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ فرمائن ٿا: جيڪو موزَن تي مسح ڪرڻ کي جائز نه مڃي اهو گمراهه آهي. موزَن تي مسح ڪرڻ جون شرطون هي آهن: ۞ موزا اهڙا هجن جو ڀيڏيون ڍڪجي وڃن ۞ پيرن سان چنبڙيل هجن جو ان کي پائي آسانيءَ سان خوب هلي سگهي ۞ موزا چمڙي جا هجن يا صرف تَرو چمڙي جو هجي ۽ باقي ڪنهن ٻي ٿلهي شيءِ جو جيئن ڪرمچ (يعني ڪپهه، رٻڙ وغيره مان ٺهيل هڪ قسم جو ٿلهو ۽ سٺو ڪپڙو) وغيره ۽ ۞ وضو ڪري موزا پائي.)[1]( الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

اسماءُ الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)

يَا مُحْيِيْ، يَا مُمِيْتُ

جيڪو به روزانو 7 ڀيرا يَا مُحْيِيْ، يَا مُمِيْتُ پڙهي پنهنجي مٿان دم ڪندو،


 

 



[1]...بہارِ شریعت، جلد:1، صفحہ:363-364 ملتقطًا، حصہ:2۔