Nafil Rozon Ke Fazail

Book Name:Nafil Rozon Ke Fazail

جيڪو گهرندا عطا ڪيو ويندو

عارف بالله شيخ ضياءُ الدين دَيرِيۡني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه   فرمائن ٿا: روايتن ۾ آهي ته   ۞ جنهن رجب جا 7 روزا رکيا، ان لاءِ جهنم جا دروازا بند  ڪيا ويندا آهن
۞ جنهن رجب شريف جا 10 روزا رکيا، اهو الله پاڪ کان جيڪو به گهرندو آهي، الله پاڪ ان کي عطا فرمائيندو آهي ۞ ۽ بيشڪ جنت ۾ هڪ محل آهي، ان محل جي سامهون دنيا هڪ پکيءَ جي آکيري وانگر آهي، ان محل ۾ صرف اهو داخل ٿيندو جنهن رجب ۾ روزا رکيا هوندا.)[1](

عبادت میں، ریاضت میں، تلاوت میں لگا دے دِل

رجب  کا  واسطہ  دیتا  ہوں  فرما  دے  کرم مولیٰ([2])

هڪ جنتي نهر جو نالو: رجب آهي

   جنتي صحابي حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جنت ۾ هڪ نهر آهي، جنهن کي رجب چيو ويندو آهي، ان نهر جو پاڻي کير کان وڌيڪ اڇو ۽ ماکيءَ کان وڌيڪ مٺو آهي، جيڪو به رجب شريف جو هڪ روزو رکندو، الله پاڪ ان کي ان نهر مان سيراب ڪندو.[3]

رجب جو روزو گناهن جو ڪفارو آهي

    سلطانُ الۡمفسرين، حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا کان روايت آهي، بي چين دلين جي چين، نبيِ حرمين صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: رجب جي پهرين ڏينهن جو روزو 3 سالن جو ڪفارو آهي، ٻئي ڏينهن جو روزو 2 سالن جو ۽ ٽئين ڏينهن جو روزو هڪ سال جو ڪفارو آهي، پوءِ هر ڏينهن


 

 



[1]...طہارۃ القلوب، الفصل الثانی عشر فی التقویٰ، صفحہ:125۔

[2]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:98۔

[3]...شُعَبُ الایمان، باب فِی الصِّیَام، تخصیص شہر رجب بالذکر، جلد:3، صفحہ:368، حدیث:3800۔