Nafil Rozon Ke Fazail

Book Name:Nafil Rozon Ke Fazail

مُعاف فضل و کرم سے ہو ہر خطا یاربّ!         ہو مغفِرت پئے سلطانِ انبیا یاربّ!

بِلا حساب ہو جنّت میں داخِلہ یاربّ!              پڑوس خُلد میں سرور کا ہو عطا یاربّ!

نبی کا صَدقہ سدا کیلئے تُو راضی ہو                   کبھی بھی ہونا نہ ناراض یاخدا یاربّ!([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

روزيدارن لاءِ خوشخبري

   پيارا اسلامي ڀائرو! اها جيڪا آيتِ ڪريمه آهي:

كُلُوْا وَ اشْرَبُوْا هَنِیْٓــٴًـۢا بِمَاۤ اَسْلَفْتُمْ فِی الْاَیَّامِ الْخَالِیَةِ(۲۴)  (سيپارو: 29، الحاقه: 24)        

ترجمو ڪنزُ العرفان: گذريل ڏينهن ۾ جيڪو توهان اڳيان موڪليو ان جي بدلي مزي سان کائو ۽ پيئو.

رسول الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي صحابي، سلطانُ الۡمُفسرين حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا فرمائن ٿا: هي آيتِ ڪريمه روزيدارن جي حق ۾ نازل ٿي. يعني اهي ماڻهو جيڪي دنيا ۾ گهڻا روزا رکندا آهن، انهن کي قيامت جي ڏينهن چيو ويندو: اوهان دنيا ۾ الله پاڪ جي رضا خاطر جيڪا بک ۽ اُڃ برداشت ڪئي، روزا رکيا، اَڄ ان بک ۽ اُڃ جي عيوض خوب سير ٿي، خوشيءَ سان جنت جون نعمتون کائو! ۽ پيئو...!!([2])

حضرت يوسف بن يعقوب خيفي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اسان کي خبر پهتي آهي ته قيامت جي ڏينهن الله پاڪ فرمائيندو: اي منهنجا وَلِيو...!! دنيا ۾ هڪ ڊگهي عرصي تائين مان اوهان کي ڏسندو رهيس ۞ اوهان جا چپَ اُڃ سبب سڪي ويا هئا ۞ اوهان جون اکيون اندر پئجي ويون هيون ۞ اوهان


 

 



[1]... وسائلِ بخشش، صفحہ:82۔

[2]...تفسیر نسفی، پارہ:29، سورۂ الحاقۃ، زیر آیت:24، جلد:3، صفحہ:531۔