Nafil Rozon Ke Fazail

Book Name:Nafil Rozon Ke Fazail

  اهڙو جيڪو خوش نصيب شخص آهي، ان جي متعلق الله پاڪ فرمايو:

فَهُوَ فِیْ عِیْشَةٍ رَّاضِیَةٍۙ(۲۱) فِیْ جَنَّةٍ عَالِیَةٍۙ(۲۲) قُطُوْفُهَا دَانِیَةٌ(۲۳)    (سيپارو: 29، الحاقه: 21، 23) 

ترجمو ڪنزُ العرفان: پوءِ اهي پسنديده زندگي ۾ هوندا بلند باغ ۾ ان جا ميوا ويجهو هوندا.

اهڙي خوشنصيب جي لاءِ وڌيڪ اعلان ٿيندو:

كُلُوْا وَ اشْرَبُوْا هَنِیْٓــٴًـۢا بِمَاۤ اَسْلَفْتُمْ فِی الْاَیَّامِ الْخَالِیَةِ(۲۴)  (سيپارو: 29، الحاقه: 24)        

ترجمو ڪنزُ العرفان: گذريل ڏينهن ۾ جيڪو توهان اڳيان موڪليو ان جي بدلي مزي سان کائو ۽ پيئو.

  يعني دنيا جي زندگي ۾ اوهان جيڪي ڏينهن گناهن کان بچندي، نيڪ اعمال ڪندي گذاريا آهن، انهن ڏينهن جي عيوض اڄ نعمتون حاصل ڪريو! جنت ۾ بي روڪ ٽوڪ رهو ۽ جيڪي چاهيو خوشيءَ سان کائو! پيئو...!!([1])

   پيارا اسلامي ڀائرو! ٿورو تصور ڪريو! جنهن خوش نصيب جو حساب قيامت جي ڏينهن هن انداز سان ورتو ويندو، ان جا ته وارا ئي نيارا ٿي ويندا، الله! الله! ٿورو سوچو ته صحيح...!! هڪ طرف جنت آهي، هڪ طرف جهنم آهي، سڄي مخلوق الله پاڪ جي حضور ۾ حاضر آهي، ماڻهن ۾ لرزش طاري آهي، ماڻهو گرمي جي شدت ۽ شرمندگي سبب پنهنجي ئي پگهر ۾ غوطه کائي رهيا آهن، هر هڪ ڊڄي رهيو آهي ته نه ڄاڻ منهنجي متعلق ڇا فيصلو ٿيندو، مون کي جنت جي خوشخبري ٻڌائي ويندي يا


 

 



[1]... تفسیرِ قرطبی، پارہ:29، سورۂ الحاقۃ، زیرِ آیت:24، جلد:9، جز:18،  صفحہ:172 ملتقطًا۔