Book Name:Nafil Rozon Ke Fazail
آخرت سان لاڳاپيل جنهن شيءِ جي چاهي دعا گهري ۽ صبح جو روزو رکي ته الله پاڪ ان جون دعائون قبول فرمائيندو سواءِ ان دعا جي جيڪا گناهه لاءِ هجي.ج([1])
آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم رجب جا روزا رکندا هئا
اي عاشقانِ رسول! رجب شريف جي اهم ترين عبادت روزا رکڻ آهي. حضرت عُروه بن زبير رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا کان پڇيو: ڇا الله پاڪ جا نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم رجب شريف ۾ روزا رکندا هئا؟ فرمايائون: ها! (روزا به رکندا هئا) ۽ ان کي اهميت به ڏيندا هئا. ([2])
2 سالن جي عبادت جو ثواب
جنتي صحابي حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، سرڪارِ نامدار، دوعالم جي مالڪ و مختار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جنهن ماهِ حرام ۾ 3 ڏينهن خميس، جمعه ۽ ڇنڇر جا روزا رکيا، ان لاءِ 2 سالن جي عبادت جو ثواب لکيو ويندو.([3])
پيارا اسلامي ڀائرو! هتي حرام مهيني مان اهي 4 مهينا يعني ذوالقعده، ذوالحجه، محرم ۽ رجب مراد آهن، انهن 4 مهينن مان جنهن به مهيني ۾ خميس، جمعو ۽ ڇنڇر جو روزو رکندا ته ان شاءَ الله الڪريم! 2 سالن جي عبادت جو ثواب حاصل ڪندا.
تیرےکرم سے اے کریم! مجھے کون سی شے ملی نہیں
جھولی ہی میری تنگ ہے، تیرے یہاں کمی نہیں