Nafil Rozon Ke Fazail

Book Name:Nafil Rozon Ke Fazail

نوراني جبل

    هڪ دفعو الله پاڪ جي پياري نبي حضرت عيسيٰ روح الله عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جو گذر هڪ چمڪندڙ نوراني جبل تان ٿيو. پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم الله پاڪ جي بارگاهه ۾ عرض ڪيو: اي الله پاڪ! هن جبل  کي ڳالهائڻ جي طاقت عطا فرماءِ. الله پاڪ سندن دعا قبول فرمائي. تنهنڪري ان جبل ڳالهايو: اي روح الله! عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم اوهان ڇا ٿا چاهيو؟ حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم فرمايو: پنهنجو حال بيان ڪر (يعني تون نوراني ڇو آهين؟ پنهنجي چمڪڻ جو سبب ٻڌاءِ). جبل عرض ڪيو: منهنجي اندر هڪ ماڻهو رهندو آهي(انهيءَ جي ڪري مان چمڪي رهيو آهيان). حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ٻيهر الله پاڪ جي بارگاهه ۾ عرض ڪيو: اي الله پاڪ! هن ماڻهو کي مون تي ظاهر فرماءِ. سندن اها دعا به قبول ٿي، فوري طور اهو جبل ڦاٽي پيو ۽ ان مان چنڊ جهڙو چهرو چمڪائيندي هڪ نيڪ ماڻهو ظاهر ٿيو. ان نيڪ ماڻهو پنهنجو حال بيان ڪندي عرض ڪيو: مان الله پاڪ جي نبي حضرت موسيٰ ڪليم الله      عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جو امتي آهيان، مون الله پاڪ کان دعا گهري آهي ته هو مون کي پنهنجي پياري ۽ آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بعثت مبارڪ تائين زندھ رکي ته جيئن مان انهن جي زيارت به ڪريان ۽ انهن جو امتي بڻجڻ جو شرف به حاصل ڪريان. الحمدلله! مان تڏهن کان هن جبل ۾ رهي الله پاڪ جي عبادت ڪري رهيو آهيان. حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ان نيڪ ماڻهو جي گفتگو ٻڌي بارگاهه الٰهي ۾ عرض ڪيو: اي الله پاڪ! ڇا روءِ زمين تي هن شخص کان وڌيڪ به ڪو تو وٽ عزت وارو آهي؟ الله پاڪ فرمايو: اي عيسيٰ (عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم)! اُمتِ محمديه مان جيڪو رجب جو هڪ روزو رکي، اهو منهنجي ويجهو ان کان وڌيڪ محترم (يعني عزت وارو) آهي.([1])


 

 



[1]...نُزْهَةُالْمَجَالس، باب فضل رجب وصومہ،  صفحہ:186۔