Book Name:Nafil Rozon Ke Fazail
كُلُوْا وَ اشْرَبُوْا هَنِیْٓــٴًـۢا بِمَاۤ اَسْلَفْتُمْ فِی الْاَیَّامِ الْخَالِیَةِ(۲۴) (سيپارو: 29، الحاقه: 24)
ترجموڪنزُالعرفان: گذريل ڏينهن ۾ جيڪو توهان اڳيان موڪليو ان جي بدلي مزي سان کائو ۽ پيئو.
صَدَقَ اللہُ الْعَظِیْم وَ صَدَقَ رَسُوْلُہُ النَّبِیُّ الْکَرِیْم صلّی اللہ ُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله! رجب شريف جي مهيني جي آمد ويجهي آهي، رجب شريف احترام وارن 4 مهينن مان هڪ آهي. الله پاڪ جي بارگاهه ۾ هن مهيني جي وڏي عزت، وڏي عظمت ۽ شان آهي. شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ان کي رمضان ڪريم جو ڦاٽَڪ چوندا آهن، هي امير اهلسنت جي رمضان ڪريم سان هڪ قسم جي محبت آهي. سندن مقصد هي آهي ته رجب شريف جو چنڊ نظر اچي ويو ته مطلب ته ماهِ رمضان ويجهو اچي ويو آهي، هاڻ جلد ئي ماهِ رمضان به اچي ويندو.
هڪ دعاءِ مصطفيٰ جيڪا حديثن ۾ آئي آهي، تمام پياري دعا آهي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رجب شريف ۾ هيءَ دعا پڙهندا هئا، اچو ته! اداءِ مصطفيٰ ادا ڪرڻ لاءِ اسان به هيءَ دعا پڙهون:
اَللَّهُمَّ بَارِكْ لَنَا فِي رَجَبٍ وَّشَعْبَانَ، وَبَلِّغْنَا رَمَضَانَ
ترجمو: اي الله پاڪ! اسان کي رجب ۽ شعبان ۾ برڪت عطا فرماءِ ۽ اسان کي رمضان تائين پهچاءِ. ([1])
عبادت میں، ریاضت میں، تلاوت میں لگا دے دل
رجب کا واسِطہ دیتا ہوں فرما دے کرم مولیٰ