Book Name:Siddiq e Akbar رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ Ki Naseehatain
وضاحت: اي پيارا صديق! اي يارِ غارِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم! توهان جهنم کان آزاد آهيو، توهان جا غلام ۽ توهان کي چاهڻ وارا به توهان جي صدقي انْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم جهنم کان آزادي ماڻيندا ۽ الحمد للہ! هي سالڪ (يعني مفتي احمد يار خان نعيمي رحمۃُ اللہِ عَلَیْہ) به توهان جو سچو عاشق ۽ غلام آهي.
اللہُ اکبر! ڪيڏي عبرت جي ڳالهه آهي...!! صرف هڪ نبي عَلَیْهِ السَّلَام جي نيڪين جي برابر به ڪنهن جون نيڪيون نه ٿيون ٿي سگهن ته 70 نبين جي نيڪين جي برابر نيڪيون ڪيئن ٿيون ٿي سگهن؟ نبي آخرڪار نبي آهن، انهن جي برابر نيڪ عمل ڀلا ڪير ڪري سگهندو؟ اسان جهڙا گنهگار ته پري جي ڳالهه آهي، پر وڏن وڏن اولياءَ الله جون نيڪيون به نبين جي نيڪين برابر نه ٿيون ٿي سگهن...!! پر عبرت جي ڳالهه ڏسو! بفرض محال(يعني ناممڪن آهي پر فرض ڪريو) جيڪڏهن ڪو ايڏيون نيڪيون ڪري به وٺي پر ان جي دل ۾ حضرت صديق اڪبر رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جو بغض هجي ته فقط اها هڪ برائي ئي ايڏي وڏي آهي جو سڀني نيڪين تي حاوي ٿي ويندي ۽ ماڻهو جنت کان محروم رهجي ويندو. اَلْاَمَانُ وَالْحَفِیظ...!!
صحابيءِ رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِیَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا ته هڪ ڏينهن سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم منبر تي جلوہ فرما ٿيا، الله پاڪ جي حمد ۽ ثناء بيان ڪيائون، پوءِ فرمايائون: ابوبڪر ڪٿي آهن؟ صديق اڪبر رَضِیَ اللهُ عَنْهُ عرض ڪيو: يارسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم! مان هتي حاضر آهيان. فرمايائون: ابوبڪر! منهنجي ويجهو اچو! پاڻ سندن ويجهو حاضر ٿيا، منهنجي ۽ اوھان جي آقا، محبوبِ خدا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم حضرت صديق اڪبر رَضِیَ اللهُ عَنْهُ کي پنهنجي سيني سان لڳايو ۽ پنهنجي نوراني چپن سان صديق اڪبر رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جي پيشاني کي چمي ورتائون.
حضرت انس بن مالڪ رَضِیَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا اسان ڏٺو ته ان وقت رسولِ