Book Name:Siddiq e Akbar رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ Ki Naseehatain
عَدُو اُن کا رہے خَوار و ذَلیل و خَسْتَہ و اَبْتَر
مُحِبّ ہو یا الٰہی! شاد ماں صدیق اکبر کا
نہ جائے حشر تک دل سے مِرے اُلْفَت مِرے اللہ
عطا کر مجھ کو عشقِ جاوداں صدیق اکبر کا
بُغضِ صديق جو وبال
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏي نه عبرت جي ڳالهه آهي، اڄڪلهه بيباڪي وڌي رهي آهي، ماڻهو ڳالهائڻ وقت ڪجهه به نه سوچيندا آهن، بدتميزي جو هڪ طوفان برپا آهي، الله پاڪ اسان کي معاف فرمائي، ڪجهه بدبخت ته صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم ۽ اولياءِ ڪرام جي باري ۾ اهڙي گندي زبان (Foul language) به استعمال ڪري ويندا آهن جو ايمان وارو ٻڌي ته ڪنن تي هٿ رکي ڇڏي. سوشل ميڊيا (Social Media) ته تمام گهڻي تباهي مچائي ڏني آهي، ماڻهو ويوز (Viewes) جي چڪر ۾ اهڙيون ته ڳالهيون ڪندا آهن جو ٻڌي نه ٿيون سگهجن. پوءِ انهن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وارا به انهن جهڙي زبان ڳالهائڻ لڳندا آهن. الله پاڪ اسان کي محفوظ رکي. اهڙن بي ادبن کان هميشه پري رکي! ياد رکو، محبتِ صحابه ايمان جي جان آهي ۽ بغضِ صحابه جهنم جو پيغام آهي. خاص ڪري حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جو ته انتهائي ادب ڪرڻ گهرجي. حديث پاڪ ۾ آهي ته رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم حضرت صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي فرمايو: ان ذات جو قسم جنهن مون کي سچو نبي بڻائي موڪليو آهي! توسان بغض ۽ حسد رکڻ وارو، جيتوڻيڪ 70 نبين جي نيڪين جي برابر نيڪيون گڏ کڻي اچي، تڏهن به هُو هرگز جنت ۾ نه ويندو. ([1])
تُو ہے آزاد سَقر سے تیرے بندے آزاد ہے یہ سالِکؔ بھی ترا بندۂ بےزر صِدِّیق!([2])