Siddiq e Akbar رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ Ki Naseehatain

Book Name:Siddiq e Akbar رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ Ki Naseehatain

دنيا جي زينت تي فخر نه ڪريو ...!!

مسلمانن جي پياري امي جان حضرت عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ عَنْها، جيڪي حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جون نياڻيون آهن، فرمائن ٿيون ته هڪ دفعي مون نئون وڳو پاتو ۽ پاڻ کي ڏسڻ لڳِيَس ته اهو مون کي سٺو لڳو، جڏهن مان پاڻ کي ڏسي رهي هيس ته منهنجي والد محترم حضرت صديق اڪبر رَضِیَ اللهُ عَنْهُ مون کي ائين ڪندي ڏسي ورتو، فرمايائون: اي عائشه! ڇا ٿي ڏسين؟ هن وقت رب ڪريم تنهنجي مٿان رحمت جي نظر نه ٿو فرمائي.

مون عرض ڪيو: ان جو ڇا سبب آهي؟ فرمايائون: ڇا تون نه ٿي ڄاڻين ته دنياوي زينت جي سبب جڏهن ٻانهي جي دل ۾ خود پسندي ايندي آهي ته الله پاڪ ان تي ناراض ٿيندو آهي، ايسيتائين جو هُو ان زينت کي پاڻ کان پري نه ڪري ڇڏي. فرمائن ٿيون ته اهو ٻڌي مون اهو نئون وڳو لاهي ٻيو پائي ڇڏيو. ([1])

اللہُ اکبر! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏي نه نصيحت ڀري ڳالهه آهي، اسان وٽ ته عام دستور آهي ته جڏهن نئون لباس پائيندا آهيون ته پاڻ کي ڏسندا آهيون، آئيني جي اڳيان بيهي رهندا آهيون، هَر هَر پاڻ کي ڏسندا آهيون ته مان ڪيئن لڳي رهيو آهيان، ٻين کان به راءِ ورتي ويندي آهي، ايسيتائين جو نئون لباس پهرِيل ڏِسِي ڪو اسان جي تعريف نه ڪري ته اسان کي برو به لڳندو آهي.

يقيناً ائين پاڻ کي نئين لباس ۾ پسند ڪرڻ گناهه واري خود پسندي نه آهي، پر حضرت صديق اڪبر رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جي نصيحت تمام گهڻي سبق آموز (Educative) آهي، پاڻ فرمائن ٿا ته جڏهن ٻانهو اهڙي طرح دنياوي زينت سبب خودپسندي ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي ته رب ڪريم ان تان رحمت جي نظر هٽائي ڇڏيندو آهي.

 الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. نصيحتِ صديق اڪبر کي قبول ڪريو! عُجُب يعني خود پسندي کان بچڻ جي نيت ڪري ڇڏيو!


 

 



[1]... حلیۃ الاولیا، جلد:1، صفحہ:72، رقم:85۔