Book Name:Siddiq e Akbar رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ Ki Naseehatain
روايت آهي ته مديني پاڪ جي ڀرپاسي واري علائقي (Surrounding Areas) ۾ هڪ نابينا پوڙهي عورت رهندي هئي. هڪ دفعو حضرت عمر فاروق اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ان ٻڍڙيءَ جي گهر پهتا ته جيئن سندس ڪجهه ڪم ڪري ڏين، اتي پهچي ڏٺائون ته ٻُهاري ڏنل آهي، پاڻيءَ جو مَٽُ ڀريو پيو آهي، سڀ ڪم ٿي چڪا آهن. تمام گهڻو حيران ٿيا ته هي ڪم ڪير ڪري ويو؟
ٻئي ڏينهن پاڻ صبح جو سوير اتي پهتا ته جيئن ڏسي سگهن ته ٻڍڙي جا ڪم ڪير ڪري رهيو آهي. هڪ جاءِ تي لڪي ويهي رهيا، ٿوري ئي دير کان پوءِ پوڙهي عورت جي گهر مان هڪ شخص نڪتو، حضرت عمر فاروق اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ غور سان ڏٺو ته اهي ڪي ٻيا نه پر وقت جا خليفا حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْہُ هئا. ([1])
اللہُ اکبر! پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت صديق اڪبر رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو شان ڏسو! ماڻهن سان سندن لڳاءُ ڏسو! رحمدلي، شفقت ۽ عاجزي ڏسو! وقت جا خليفا آهن، هزارين مصروفيتون آهن، ان جي باوجود به پاڻ شھر کان ٻاهر رهڻ واري پوڙهي عورت جي سارَ سنڀال ۾ مصروف آهن.
هن ۾ اسان جي لاءِ سبق آهي، اسان کي به گهرجي ته ٻين جي ڪم اچون. ان جي برڪت سان اسان جا بگڙيل ڪم سنورجي ويندا. حديث پاڪ ۾ آهي ته ماڻهو جيسيتائين پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي ڪمن ۾ لڳو رهندو آهي، رب ڪريم ان جون بگڙيل شيون سنواريندو رهندو آهي. ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان رحمدل ٿي وڃون، ٻين جي ڪم اچڻ جو دل ۾ جذبو پيدا ٿئي، ان جي لاءِ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ * سڀ کان پهريان ته