Book Name:Siddiq e Akbar رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ Ki Naseehatain
ناز، هي سمورو غرور مٽيءَ ۾ ملي ويندو.
ہے یہاں سے تجھ کو جانا ایک دِن قبر میں ہو گا ٹھکانا ایک دِن
منہ خُدا کو ہے دکھانا ایک دِن اب نہ غفلت میں گنوانا ایک دِن
ایک دِن مرنا ہے آخر موت ہے
کر لے جو کرنا ہے آخر موت ہے
مُردي کي ٽن ڏينهن کان پوءِ ڏسو ته ...!
اَمِیْرُ الْمُؤمنین حضرت عمر بن عبد العزيز رحمۃُ اللہِ عَلَیْہ هڪ دفعي پنهنجي ڪنهن ساٿي کي فرمايو: ڀاءُ! موت جي ياد منهنجي ننڊ ڦِٽائي ڇڏي، مان سڄي رات جاڳندو رهيس ۽ قبر واري جي باري ۾ سوچيندو رهيس. اي منهنجا ڀاءُ! جيڪڏهن تون ٽن ڏينهن کان پوءِ مردي کي ان جي قبر ۾ ڏسين ته دنيا ۾ ڊگهي عرصي تائين ساڻس گڏ رهڻ جي باوجود توکي ان کان وحشت ٿيڻ لڳي، جيڪڏهن تون ان جو گهر يعني سندس قبر جو اندروني حصو ڏسين جنهن ۾ ڪِيڙا گهمي رهيا آهن ۽ سندس جسم کي کائي رهيا آهن، ان جي جسم مان پُونءِ وهي رهي آهي، سخت بدبو اچي رهي آهي، سندس ڪفن پراڻو ٿي چڪو آهي. هاءِ! هاءِ! غور ته ڪريو! اهو ئي ساڳيو مردو جڏهن جيئرو هو ته خوبصورت هو، سٺي خوشبو استعمال ڪندو هو، عمدو لباس پائيندو هو...!! راوي چون ٿا ته ايترو چوڻ کان پوءِ حضرت عمر بن عبد العزيز رحمۃُ اللہِ عَلَیْہ تي رقّت طاري ٿي وئي، کانئن دانهن نڪري وئي ۽ بيهوش ٿي ويا. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! ڳالهه اها ئي سچي آهي؛ اسان مٽيءَ جا ٺهيل آهيون، اسان کي فخر غرور ۽ ناز ڪرڻ بلڪل به سُونهي نه ٿو. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان الله پاڪ جي حضور ۾ عاجزي ڪريون، پنهنجو سِرُ جهڪايون، نعمتن ۾ گم ٿيڻ بدران نعمتون ڏيڻ واري رب ڪريم جي ياد ۾ زندگي گذاريون. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم۔