Book Name:Siddiq e Akbar رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ Ki Naseehatain
الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته جيڪو خود پسندي ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي، جيڪو پنهنجي گناهن کي وساري ويهندو آهي، اهو شيطان جي ڄار ۾ ڦاسي پوندو آهي. اسان کي گهرجي ته انهن ٻنهي برائين کان هميشه بچندا رهون.
الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمايو آهي:
فَلَا تُزَكُّوْۤا اَنْفُسَكُمْؕ-هُوَ اَعْلَمُ بِمَنِ اتَّقٰى۠(۳۲) (پارو: 27، سورة نجم: 32)
ترجموڪنزالعرفان: پاڻ پنهنجي جانين جي پاڪيزگي بيان نه ڪريو، اهو خوب ڄاڻي ٿو جيڪو پرهيزگار ٿيو.
هن آيتِ ڪريمه جي تحت مشهور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رحمۃُ اللہِ عَلَیْہ فرمائن ٿا ته هيءَ آيت انهن ماڻهن جي باري ۾ نازل ٿي جيڪي پنهنجين نيڪين تي فخر ڪندا هئا ۽ فخر سان چوندا هئا ته اسان جون نمازون اهڙيون آهن! اسان جا روزا اهڙا! اسان اهڙا! هُن (يعني الله پاڪ) جو ڄاڻڻ ئي ڪافي آهي، توهان پنهنجي تقويٰ ۽ طهارت جو ماڻهن ۾ اعلان ڇو ٿا ڪريو؟ مزو ته ان ۾ آهي ته ٻانهو چوي: مان گنهگار آهيان ۽ رب چوي: هي پرهيزگار آهي! جيئن ابوبڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْہُ. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان مٽيءَ مان ٺهيل آهيون، ڪڏهن ڪڏهن اسان پنهنجي اوقات وساري ويندا آهيون * پنهنجو لباس ڏسي * پنهنجي شڪل ۽ صورت ڏسي * مال ۽ دولت جي ڪري * عہدي ۽ منصب جي ڪري خود پسندي ۾ مبتلا ٿي ويندا آهيون. ڪڏهن ڪڏهن ته فخر ۾ ايڏو ته حد کان وڌي ويندا آهيون جو ٻين کي حقير سمجهڻ لڳندا آهيون. ائين تڪبر جهڙي ڪبيرہ گناهه جو شڪار ٿي ويندا آهيون. هيءَ تمام نقصان ڏيڻ واري ڳالهه آهي.