Book Name:Siddiq e Akbar رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ Ki Naseehatain
* دل جي سختي، رحمدلي جي جذبات جو نه هجڻ، جو هڪ وڏو سبب بري صحبت (Bad Company) به آهي. خراب ۽ ظالم طبيعت وارن ماڻهن وٽ ويهندؤ ته دل سخت ٿيندي، تنهنڪري نيڪ، نرم دل ۽ رحمدل ماڻهن جي صحبت اختيار ڪريو، انْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! رحمدلي جي نعمت ملي ويندي.
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم۔
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال
اي عاشقانِ رسول! دل ۾ عشقِ رسول وڌائڻ، صحابه ۽ اهل بيت جي محبت دلين ۾ پيدا ڪرڻ ۽ سچا ۽ درست عقيدا سکڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، 12 ديني ڪمن ۾ به زور شور سان حصو وٺو، انْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم روزانو نيڪ اعمال جي رسالي مان پنهنجن عملن جو جائزو وٺڻ به آهي.
* سرور عالم، نور مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: عقلمند اهو آهي جيڪو پنهنجو محاسبو ڪندو رهي ۽ مرڻ کان پوءِ جي لاءِ عمل ڪري. ([1]) * پنهنجي اصلاح ڪرڻ ۽ پاڻ کي شيطان کان بچائڻ جو بهترين طريقو اهو ئي آهي ته اسان پنهنجي عادتن، پنهنجي ڪردار ۽ پنهنجي عملن جو جائزو وٺندا رهون. موجوده دور ۾ امير اهل سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَت بَرَکَاتُہم الْعَالِیَہ پنهنجو جائزو وٺڻ جو آسان طريقو عطا ڪيو آهي: رسالو نيڪ اعمال * وڏي عمر وارن اسلامي ڀائرن جي لاءِ نيڪ اعمال رسالي ۾ 72 سوال جواب لکيل آهن * هر سوال جي هيٺان 30 خانا آهن * روزانو سوال پڙهي پنهنجو جائزو وٺڻو هوندو آهي ۽ خانا ڀرڻا هوندا آهن * درست اسلامي