Siddiq e Akbar رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ Ki Naseehatain

Book Name:Siddiq e Akbar رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ Ki Naseehatain

روايت آهي ته هڪ دفعو حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْہُ  خطبو ڏيندي ارشاد فرمايو: اِيَّاكُمْ وَالْفَخْرَ اي انسانو...!! فخر ڪرڻ کان بچو...!! وَمَا فَخْرُ لِمَنْ خُلِقَ مِنْ تُرَابٍ  جنهن کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو ويو هجي، ان جو فخر ڪرڻ ڪهڙو؟ وَاِلَى التُّرَابِ يَعُودُ  جنهن کي ٻيهر موٽي مٽيءَ ۾ ئي وڃڻو آهي، ان جو فخر ۾ پوڻ ڪهڙو؟ هُوَ الْيَوْمَ حَيٌّ وَغَدًا فِي الْقُبُورِ مَيِّتٌ افسوس! جيڪو اڄ زندهه آهي، سڀاڻي مردو هوندو، اهو ڪيئن فخر ڪري سگهي ٿو؟([1])

خوبصورت چهرن وارا ڪيڏانهن ويا ...؟

پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي سچي ڳالهه آهي، اسان مٽيءَ مان ٺاهيل  آهيون، وري به مٽيءَ ۾ ملي وينداسين. فخر، غرور، ناز ڪرڻ، اسان کي ڪنهن به طرح سُونهي نه ٿو. شرافت (Nobility) ان ۾ آهي ته اسان عاجزي (Humility) سان پنهنجو ڪنڌ جهڪائي رکون، جيڪا به نعمت ملي ان تي شڪر ادا ڪريون، ڪڏهن به فخر ۾ مبتلا نه ٿيون. حضرت صديق اڪبر رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا ته اهي خوبصوت چهرن وارا جيڪي پنهنجي جواني تي ناز ڪندا هئا، اڄ ڪٿي آهن؟ اهي بادشاهه جن شھر بڻايا، بلند ديوارن سان شهرن جي حفاظت ڪئي، اڄ ڪٿي آهن؟ اهي بهادر جيڪي جنگ ۾ بيهندا هئا ته سڀني کي شڪست ڏئي ڇڏيندا هئا، اڄ ڪيڏانهن ويا؟ زماني انهن جو نالو نشان ئي مٽائي ڇڏيو، هاڻي اهي قبرن جي اونداهين ۾ پيا آهن. ([2])

پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي عبرت ۽ فقط عبرت ئي آهي. اڄ اسان جيڪو ناز ڪري رهيا آهيون * ڪنهن کي پنهنجي خوبصورتي تي ناز آهي * ڪو پنهنجي سُريلي آواز تي فخر ڪري رهيو آهي * ڪنهن کي مال ۽ دولت تي ناز آهي * ڪو پنهنجي عهدي ۽ منصب سبب فخر ۽ غرور ۾ مبتلا آهي. افسوس! موت ايندو، ضرور ايندو ۽ هي سمورو فخر، هي سمورو


 

 



[1]... العقد الفرید، جلد:4، صفحہ:152۔

[2]...صفۃ الصفوۃ، جلد:1، صفحہ:136۔