Book Name:Siddiq e Akbar رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ Ki Naseehatain
زندگي گذارڻ جو هي بهترين نسخو آهي * هن جي ذريعي ڪيترن ئي ماڻهن جي اصلاح ٿي چڪي آهي.
توھان به هي رسالو خريد ڪريو! نيڪ اعمال جي مطابق روزانو پنهنجي عملن جو جائزو وٺو! انْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻو فائدو ٿيندو * اخلاق سنورجي ويندا * ڪردار بهتر ٿيندو * عادتون سٺيون ٿينديون * نيڪين تي استقامت ملندي * گناهن کان نفرت ٿيندي * دل روشن ٿيندي * محبتِ الٰهي نصيب ٿيندي * عشقِ رسول ۾ واڌارو ٿيندو * روحانيت ملندي * ۽ فڪرِ آخرت نصيب ٿيندو.
نيو ڪراچيءَ جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي ته اسان جي علائقي جي مسجد جا امام صاحب جيڪي دعوتِ اسلامي سان وابسته آهن، انهن منهنجي وڏي ڀاءُ کي نيڪ اعمال جو رسالو تحفي ۾ ڏنو. اهي گهر کڻي آيا، گهر اچي انهن رسالو پڙهيو ته حيران ٿي ويا ته هن ننڍڙي رسالي ۾ مسلمانن کي اسلامي زندگي گذارڻ جو ايڏو زبردست فارمولو ڏنو ويو آهي! نيڪ اعمال جو رسالو ملڻ جي برڪت سان الحمد للہ! انهن کي نماز پڙهڻ جو جذبو حاصل ٿيو ۽ باجماعت نماز پڙهڻ جي لاءِ مسجد ۾ حاضر ٿيڻ لڳا ۽ هاڻي پنجن وقتن جا نمازي بڻجي چڪا آهن، ڏاڙهي مبارڪ به رکرايائون ۽ پابندي سان نيڪ اعمال رسالي مان پنهنجي عملن جو جائزو وٺندا آهن.
نیک اعمال کے عامل پہ ہر دم ہر گھڑی یاالہٰی!خوب برسا رحمتوں کی تُو جھڑی
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
مدني قاعدھ (Madani Qaida)موبائل ايپلي ڪيشن
پيارا اسلامي ڀائرو! قرآن ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي I.T ڊپارٽمينٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي