Siddiq e Akbar رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ Ki Naseehatain

Book Name:Siddiq e Akbar رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ Ki Naseehatain

گناهه ڪرڻ ڇڏي ڏيو، سچي پڪي توبه ڪريو، ڇوته گناهه ڪرڻ سان دل سخت ٿي ويندي آهي، رحمدلي جا جذبا دل مان نڪري ويندا آهن * نيڪ عمل گهڻا ڪندا رهو ڇوته نيڪين جي برڪت سان دل صاف ٿيندي آهي، دل ۾ نرمي پيدا ٿيندي آهي. خاص ڪري قرآن ڪريم جي تلاوت ڪندا رهو، نمازون پڙھندا رهو، درود پاڪ جي ڪثرت ڪريو، ان جي برڪت سان انْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دل نرم ٿيندي * ذڪر اذڪار جي برڪتن مان هڪ اها به آهي ته الله پاڪ جي جنهن نالي جو ڪثرت سان وِردُ ڪيو ويندو آهي، ان نالي جو اثر طبيعت تي پوڻ لڳندو آهي. تنهنڪري الله پاڪ جي پاڪ نالن يَا رَحْمٰنُ، يَا رَحِيْمُ جو ذڪر ڪثرت سان ڪندا رهو، انْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دل ۾ رحم ۽ شفقت جا جذبا وڌندا * اهڙي طرح درود پاڪ جي برڪتن مان هڪ برڪت اها به آهي ته جيڪو ڪثرت سان درود پاڪ پڙھندو آهي، ان کي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي صفتن جو فيضان ملڻ لڳندو آهي. تنهنڪري درود پاڪ جي ڪثرت ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! رحمتِ دوجهان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي رحمت ۽ شفقت جو فيضان ملندو * قبر ۽ آخرت کي وسارڻ دل جي سختي جو وڏو سبب آهي. تنهنڪري رحمدلي جي نعمت حاصل ڪرڻ لاءِ قبر ۽ آخرت کي ياد ڪندا رهو! قبرستان وڃڻ جو معمول بڻايو، اهلِ قبرستان لاءِ فاتحه شريف پڙھو، ايصال ثواب به ڪريو، پوءِ ٿوري دير ويهي، قبر، ان جون هولناڪيون، قبر جو انڌيرو، اڪيلائپ، وحشت، پوءِ قيامت جي ڏينهن قبر مان اٿڻ، بارگاهِه الٰهي ۾ پيش ٿيڻ وغيره بابت غور ڪريو. انْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دل نرم ٿيندي ۽ رحمدلي نصيب ٿيندي * ائين ئي يتيمن جي مٿي تي هٿ رکڻ، غريبن جي مدد ڪرڻ، بي سهارن جو سهارو بڻجڻ به رحمدلي پيدا ڪندو آهي. جيڪڏهن اسان دل تي بار رکي، نفسِ اماره کي دٻائي شفقت ۽ رحمدلي جو اظهار  ڪرڻ ۾ لڳي وڃون ته انْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! آهستي آهستي دل ۾ رحمدلي جا جذبا وڌندا ويندا ۽ رب ڪريم چاهيو ته رحمدلي اسان جي طبيعت جو حصو بڻجي ويندي.