Book Name:Siddiq e Akbar رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ Ki Naseehatain
حضرت صديق اڪبر رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جون وڌيڪ نصيحتون ٻڌو! پاڻ فرمائن ٿا ته جنهن کي اهو پسند آهي ته رب ڪريم قيامت جي ڏينهن کيس جهنم کان پناہه عطا فرمائي ته پوءِ اهو مسلمانن تي رحم ڪرڻ وارو ۽ نرم دل ٿي وڃي. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته رحمدلي (Compassion)، مسلمانن سان نرم دل هجڻ، جهنم کان بچائڻ وارو نيڪ عمل آهي. اسان سڀني کي گهرجي ته نرم دل ٿي وڃون. اڄڪلهه اِهو به هڪ وڏو مسئلو آهي، دليون تمام سخت ٿي رهيون آهن. نرمي ڏينهون ڏينهن گهٽجندي پئي وڃي. ٿورڙي به طبيعت جي خلاف ڳالهه ٿي وڃي ته بس ڪاوڙ ۾ ڳاڙها ٿي ويندا آهيون. الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي، رحمدل هجڻ مسلمان هجڻ جي نشاني آهي، ڪامل ايمان وارو اهو ئي آهي جيڪو رحمدل هوندو آهي.
(1): بخاري شريف جي حديث پاڪ آهي، پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: لَا يَرْحَمُ اللَّهُ مَنْ لَا يَرْحَمُ النَّاسَ جيڪو ماڻهن تي رحم نه ڪندو آهي، الله پاڪ ان تي رحم نه فرمائيندو آهي. ([2])
(2): هڪ حديث پاڪ ۾ فرمايائون: الرَّاحِمُونَ يَرْحَمُهُمُ الرَّحْمٰن جيڪي رحم ڪرڻ وارا آهن، الله رحمٰن انهن تي رحم فرمائيندو آهي. ([3])
(3): رحمتِ عالَم، نورِ مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: لَا تُنْزَعُ الرَّحْمَةُ اِلَّا مِنْ شَقِيٍّ يعني رحمت نه ڪڍي ويندي آهي پر بدبخت (جي دل) مان.([4])