Book Name:Siddiq e Akbar رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ Ki Naseehatain
پيارا اسلامي ڀائرو! پنهنجي ڪمال (جهڙوڪ علم، عمل يا مال) کي پاڻ ڏانهن منسوب ڪرڻ ۽ ان ڳالهه جو خوف نه رکڻ ته اهو کسجي ويندو. ان کي عُجُب (Selfishness خودپسندي) چئبو آهي.
گناهه واري خود پسندي اها آهي ته ماڻهو نعمت کي پنهنجو ذاتي ڪمال سمجهي، مثلاً پنهنجو حسن ڏسي خود پسندي ۾ مبتلا ٿي اهو سمجهي ويهي ته هيءُ منهنجو ذاتي ڪمال آهي، نعمت ڏيڻ واري کي وساري ويهي. جيڪڏهن نعمت کي ذاتي ڪمال نه سمجهي پر الله جي عطا سمجهي ان تي خوش ٿئي ته اهو گناهه نه آهي. ([1])
خود پسندي شيطان جو هٿيار آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! مليل نعمتن ۾ گم ٿي وڃڻ، خود پسندي ۾ مبتلا ٿي وڃڻ، خاص ڪري دنياوي زيب ۽ زينت تي ناز ڪرڻ شيطان جي هٿيارن مان سخت ترين هٿيار آهي. حضرت عبدالرحمٰن بن زياد رحمۃُ اللہِ عَلَیْہ فرمائن ٿا ته هڪ دفعي حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام تشريف فرما هئا، سامهون هڪ شخص ايندو نظر آيو جنهن کي رنگ برنگي ٽوپي (Colorful Hat) پهريل هئي، جڏهن اهو ويجهو آيو ته ان اها ٽوپي لاهي ورتي. حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام پڇيو: تون ڪير آهين؟ چيائين: مان ابليس آهيان. فرمايائون: هيءَ ٽوپي جيڪا تو پهري رکي هئي، اهو ڇا آهي؟ چيائين: هي منهنجا ڄارَ آهن جيڪي مان اولادِ آدم تي اڇلائيندو آهيان. حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام پڇيو: ٻڌاءِ ته اها ڪهڙي برائي آهي، جيڪڏهن ڪو شخص اها ڪري ته تون ان تي غالب اچي ويندو آهين؟ شيطان وراڻيو: جڏهن ماڻهو خودپسندي ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي يعني پنهنجو پاڻ تي فخر ڪرڻ لڳندو آهي ۽ پنهنجن گناهه کي وساري ويهندو آهي، تڏهن مان ان تي غلبو ماڻي وٺندو آهيان. ([2])