Book Name:Siddiq e Akbar رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ Ki Naseehatain
حضرت صديقِ اڪبر جي شان ۾ ٻه آيتون
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان حضرت صديق اڪبر رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جو ذڪرِ خير ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين. اڄ جو موضوع ته صديق اڪبر جون نصيحتون آهي يعني حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْهُ مختلف موقعن تي جيڪي نصيحتون فرمايون، اڄ اسان اهي نصيحتون ٻڌنداسين. پر اچو ته پهريان سندن شان ۾ نازل ٿيل ٻه آيتون ٻڌون:
(1): الله پاڪ فرمايو:
وَ سَیُجَنَّبُهَا الْاَتْقَىۙ(۱۷) الَّذِیْ یُؤْتِیْ مَالَهٗ یَتَزَكّٰىۚ(۱۸) (پارو: 30، سورة والليل: 17-18)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ عنقريب سڀ کان وڏي پرهيزگار کي ان باهه کان پري رکيو ويندو جيڪو پنهنجو مال ڏئي ٿو ته جيئن ان کي پاڪيزگي ملي.
ڇهين صدي هجري (يعني اڄ کان تقريباً 900 سال پهريان) جا تمام وڏا محدث، علامه حسين بن مسعود امام بغوي رحمۃُ اللہِ عَلَیْہ هن آيت جي حوالي سان فرمائن ٿا ته سڀني مفسرين جو هن ڳالهه تي اتفاق آهي ته ”الأتقىٰ“ (سڀ کان وڏي پرهيزگار) مان مراد حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْهُ آهن۔ ([1])
تفسير صراط الجنان ۾ آهي ته: هنن ٻن آيتن مان حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جون ڇهه فضيلتون معلوم ٿين ٿيون: (1): حضرت ابو بڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْهُ کان دنيا ۾ ڪو به گناهه نه ٿيندو (يعني پاڻ گناهن کان محفوظ آهن) (2): حضرت ابو بڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْهُ کي جهنم کان پري رکيو ويندو (3): حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جنتي آهن (4): حضرت ابو بڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْهُ امتِ مصطفيٰ ۾ سڀني کان وڏا متقي ۽ پرهيزگار آهن (5): حضرت ابو بڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جا سمورا صدقا ۽ خيراتون الله وٽ مقبول آهن (6): حضرت ابو بڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْهُ اعليٰ درجي جا اخلاص