Siddiq e Akbar رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ Ki Naseehatain

Book Name:Siddiq e Akbar رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ Ki Naseehatain

ڪريم ۾ سندن هي وصفون بيان ٿيون  آهن: *  پاڻ الله سان محبت ڪرڻ وارا آهن، الله پاڪ ساڻن محبت فرمائي ٿو * مؤمنن تي رحم دل آهن * اسلام جي دشمنن تي شدت ڪرڻ وارا  آهن * راهِه خدا ۾ جان جي بازي لڳائڻ وارا آهن * دين جي معاملي ۾ ڪنهن ملامت ڪرڻ واري جي ملامت جي پرواهه نه ڪندا آهن * حضرت صديق اڪبر اهڙي ته شان وارا آهن جن جي باري ۾ ارشاد ٿيو ته الله پاڪ سندن دل پرهيزگاري جي لاءِ پرکي ورتي آهي * قرآن ڪريم اسان کي ۽ قيامت تائين اچڻ وارن مسلمانن کي سندن رستي تي هلڻ جو حڪم ڏنو ۽ * سندن شان ۾ الله پاڪ ايسيتائين فرمايو ته الله پاڪ اوھان کي ايترو اجر عطا فرمائيندو جو اوھان راضي ٿي ويندؤ.

بیاں ہو کس زباں سے مرتبہ صدیقِ اکبر کا      ہے یارِ غار محبوبِ خدا صدیق اکبر کا

خدا اِکرام فرماتا ہے اَ تْقٰی کہہ کے قرآں میں                  کریں پھر کیوں نہ اِکرام اَ تْقِیَا صدیقِ اکبر کا

گدا صدیق اکبر کا خدا سے فَضْل پاتا ہے                     خدا کے فَضْل سے میں ہوں گدا صِدِّیق اَکْبر کا  ([1])

وضاحت:  حضرت صديقِ اڪبر رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جو مقام ۽ مرتبو ايترو بلند آهي جو  اسان جي زبان  ان جو مقام و مرتبو بيان ڪرڻ کان عاجز آهي ۽ سندن مقام ۽ مرتبو بيان به ڪيئن ٿو ٿئي سگهي جو محبوبِ خدا، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم، حضرت صديقِ اڪبر جا يارِ غار آهن. اهلِ تقويٰ (پرہيزگار مسلمان) سندن عزت ۽ تعظيم ڇو نه ڪن، جڏهن ته الله پاڪ قرآنِ مجيد ۾ کين اَتْقٰی (يعني امت ۾ سڀني کان وڏو متقي) فرمائي سندن عزت وڌائي آهي. جيڪو صديقِ اڪبر رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جي در جو غلام آهي، اهو الله پاڪ جو فضل ۽ رحمت ماڻيندو آهي ۽ مان رب ڪريم جي فضل سان صديقِ اڪبر رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جو گدا (فقير) آهيان.


 

 



[1]... ذوقِ نعت، صفحہ:76-77 ملتقطًا۔