Book Name:Siddiq e Akbar رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ Ki Naseehatain
اڪرم، نورِ مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي مبارڪ اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا، پاڻ صديق اڪبر جو هٿ پڪڙي بلند آواز سان فرمايائون: اي مسلمانن جي جماعت! هي ابوبڪر صديق آهي، هي مهاجرن جو به سردار آهي، انصارن جو به سردار آهي، هي منهنجو ساٿي آهي، هن ان وقت منهنجي تصديق ڪئي جڏهن ماڻهو منهنجو انڪار ڪري رهيا هئا، جيڪو هن سان بغض رکندو، ان تي الله پاڪ جي ۽ لعنت ڪرڻ وارن جي لعنت هجي ...!! ([1])
الله پاڪ جي پناہه! اي عاشقانِ رسول! دعا ڪندا ڪريو ته الله پاڪ اسان کي مرڻ گهڙيءَ تائين اهڙي نحوست کان محفوظ رکي، يقين ڪريو! صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جي بي ادبي ڪرڻ، انهن جي باري ۾ دل ۾ بغص رکڻ سخت نقصانڪار آهي.
حضرت صديقِ اڪبر جون ڪجهه وصفون
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد للہ! جمادي الاُخريٰ جاري آهي، هن کي ماہِه صديق اڪبر به چوندا آهن ڇوته هن مهيني جي 22 تاريخ تي يومِ صديق اڪبر ملهايو ويندو آهي * حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْهُ تمام وڏي شان وارا آهن * صحابيءِ رسول آهن * وزيرِ مصطفيٰ آهن * يارِ غار ۽ يارِ مزارِ مصطفيٰ آهن * نبين ۽ رسولن کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ رتبي وارا آهن * پاڻ اُهي ذيشان آهن جن کي قرآن ڪريم اَتْقٰی (يعني امت ۾ سڀني کان وڏو متقي) فرمايو * اُوْلُو الْفَضْل (يعني فضيلت وارو) فرمايو ويو * قرآن ڪريم کين تصديق ڪرڻ وارو فرمايو * مُتَوَکِّل (الله تي ڀروسو ڪرڻ وارو) فرمايو ويو * خائفِ ڪبريا (الله جو تمام گهڻو خوف رکڻ وارو) فرمايو ويو * انهن کي قرآن ڪريم ۾ صَالِحُ الْمُؤْمِنِیْن (يعني نيڪ ايمان وارو) فرمايو ويو * کين دين تي ثابت قدم رهڻ وارو فرمايو ويو * قرآن