Book Name:Siddiq e Akbar رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ Ki Naseehatain
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم: مُڇُون ڪٽرايو، ڏاڙهيون وڌايو ۽ مجوسين جي مخالفت ڪريو! ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏاڙهي رکڻ سنتِ مصطفيٰ بلڪ سنتِ انبياء آهي * اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي ڏاڙهي مبارڪ هميشه هڪ مٺ جي برابر رهندي هئي * جيڪڏهن هڪ مٺ کان وڌي ويندي هئي ته گهٽ ڪرائي ڇڏيندا هئا * پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي ڏاڙهي مبارڪ ويڪر ۾ ايتري هئي جو سندن سيني مبارڪ کي ڀري ڇڏيندي هئي. ([2]) * اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ڏاڙهي ڪُوڙائڻ ۽ مُڇُون وڌائڻ کي سخت ناپسند فرمائيندا هئا * بهار شريعت ۾ آهي ته ڏاڙهي ڪُوڙائڻ يا هڪ مُٺِ کان گهٽائڻ حرام آهي. ([3])
مختلف سُنّتون سکڻ لاءِ مڪتبة المدينه جي بهارِ شريعت جلد:3 مان حِصّو 16 ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت مولانا الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جو 91 صفحن جو رسالو 550 سُنّتون ۽ آداب خريد فرمايو ۽ پڙهو. سُنّتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سُنّتن ڀريو سفر به آهي.
سنتیں سیکھنے تین دِن کے لیے ہر مہینے چلیں، قافلے میں چلو
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد