Book Name:Siddiq e Akbar رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ Ki Naseehatain
جي محفل سجيل هئي، رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم تشريف فرما هئا، صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم به حاضر هئا، ايتري ۾ هڪ شخص حاضر ٿيو، ان جي ڄنگهه مان رت وَهِي رهي هئي. نبين جي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم پڇيو: ڇا ٿيو آهي؟ عرض ڪيائين: حضور! فلاڻي جاءِ تي هڪ ڪُتِي هئي، ان چڪُ هنيو آهي. پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم کيس تسلي ڏني ۽ فرمايائون: ويھي رهه! اهو شخص ويھي رهيو.
اڃان ٿوري ئي دير گذري هئي ته هڪ ٻيو شخص به حاضر ٿيو، ان جي ڄنگهه مان به رت وهي رهي هئي. پڇيو ويو: توکي ڇا ٿيو آهي؟ ان به ساڳيو ئي جواب ڏنو ته فلاڻي جاءِ تي هڪ ڪُتِي هئي، ان چڪُ هنيو آهي. هاڻي پياري محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم صحابين کي فرمايو: اچو ته اِنَ ڪُتِيءَ کي سزا ٿا ڏيون. اهو چئي پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ان طرف هلڻ لڳا، صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم به ساڻن گڏ هلڻ لڳا.
حضرت انس رَضِیَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا ته ڪجهه اصحابن رَضِیَ اللهُ عَنْهُم تلوارون به ڪڍي ورتيون. پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم اتي پهتا، اُن ڪُتِي کي پڪڙي سندن خدمت ۾ پيش ڪيو ويو. ان ڪُتِيءَ جڏهن چهرءِ پُرنُور تي جلال ڏٺو ته فوراً مبارڪ قدمن تي ڪِري پئي ۽ انساني زبان ۾ ڳالهائيندي چوڻ لڳي: يا رسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم! مون کي سزا نه ڏيو، مان هڪ جن آهيان، مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته جيڪو به ابوبڪر ۽ عمر جي خلاف ڳالهائي، ان کي چڪ هڻان. هِي ٻئي جيئن ته ابوبڪر ۽ عمر رَضِیَ اللهُ عَنْهُما جي خلاف ڳالهائيندا هئا، تنهنڪري مون انهن کي چَڪيو آهي.
رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ڪُتِي جي ڳالهه ٻڌي ته انهن ٻنهي ڏانهن متوجہه ٿيا ۽ فرمايائون: توھان ٻڌو ٿا هيءَ ڇا چئي رهي آهي؟ هاڻي انهن ٻنهي ٻانهون ٻڌي عرض ڪيو: جي ها! يا رسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم! اسان ٻڌو، اسان توبهه ڪريون ٿا ته اڳتي ڪڏهن به شَيْخَيْنِ الْكَرِيمَيْنِ (يعني حضرت ابوبڪر ۽ عمر رَضِیَ اللهُ عَنْهُما) جي خلاف زبان درازي نه ڪنداسين. ([1])