Book Name:Quran Aur Siddiq e Akbar Ki Shan
مفھوم: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم! ثور ۽ حِرا اھي بلند رتبه جبل آھن جو اوھان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم انھن جي غارن ۾ قيام فرمايو، اي مڪي مدني محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم! مون کي به انھن جبلن جھڙي قسمت جي حرص آھي، مان چاھيان ٿو ته منھنجي دل ۾ گهرو غار بڻجي وڃي ۽ اوھان ان غار ۾ تشريف وٺي اچو.
سینہ میں جو آ جاؤ بن آئے مرے دل کی سینہ تو مدینہ ہو دل اس کا ہو شیدائی
دل تو ہو خدا کا گھر سینہ ہو ترا مسکن پھر کعبہ و طیبہ کی پہلو میں ہو یک جائی([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
غم نه ڪر! الله اسان سان گڏ آھي
پيارا اسلامي ڀائرو! ھي اھو غار جو قيام آھي، جنھن جي متعلق الله پاڪ فرمايو:
ثَانِیَ اثْنَیْنِ اِذْ هُمَا فِی الْغَارِ اِذْ یَقُوْلُ لِصَاحِبِهٖ لَا تَحْزَنْ اِنَّ اللّٰهَ مَعَنَاۚ-فَاَنْزَلَ اللّٰهُ سَكِیْنَتَهٗ عَلَیْهِ
(سيپارو: 10، التوبه: 40)
ترجمو ڪنزُ العرفان: جڏهن هي ٻن مان ٻيون هو، جڏهن ٻئي غار ۾ هئا، جڏهن پاڻ پنهنجي ساٿيءَ کي فرمائي رهيا هئا غم نه ڪر، بيشڪ الله اسان سان گڏ آهي ته الله ان تي پنهنجي تسڪين نازل فرمائي.
روايتن ۾ آھي: مڪي جا ڪافرَ رسولُ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم کي ڳوليندا ڳوليندا غار تائين اچي پهتا، جڏهن حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ اھو ڏٺو ته پاڻ گھٻرائجي ويا، کين پنهنجي جان جي ته يقينًا فڪر نه ھئي، خطرو هو ته رسولِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم جو هو، ان ڪري ان خوف کان ته ڪفار ته پهچي ويا، ھاڻي اهي پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم کي نقصان پهچائيندا، حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي اکين مان ڳوڙھا وهڻ لڳا، جڏهن رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم يارِ غار کي ائين روئندي ڏٺو ته فرمايائون: ([2])