Share this link via
Personality Websites!
تجهيز و تڪفين (ڪفن دفن) ايپلي ڪيشن
اي عاشقانِ رسول! اڄ ٽيڪنالاجي جو دور آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمينٽ طرفان مختلف موبائل ايپلي ڪيشنز جاري ٿي چڪيون آهن، جن مان هڪ ايپلي ڪيشن آهي: Muslim's Funeral تجهيز و تڪفين * هن ايپلي ڪيشن ۾ ميت جي غسل، ڪفن ۽ دفن وغيره جي متعلق اهم ترين معلومات فراهم ڪئي وئي آهي * ميت کي غسل ڪيئن ڏيڻو آهي؟ ڪفن ڪيئن پهرائڻو آهي؟ ان جي عملي طريقي لاءِ Animated Videos به شامل آهن * ميت جي غسل ۽ ڪفن بابت معلومات لاءِ مختلف ٻولين ۾ ڪتاب به موجود آهن جن کي باآساني PDF ۾ ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو * هن ايپلي ڪيشن ذريعي، توهان دعوتِ اسلامي جي مجلس ڪفن دفن جي اسلامي ڀائرن سان به رابطو ڪري سگهو ٿا. * ڪفن دفن جي تمام ضروري شين بابت معلومات ملي سگهي ٿي. توهان به هي ايپلي ڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري وٺو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي هڪ شرعي مسئلو عرض ڪريان ٿو:
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ موجود غلط فهمي جي نشاندهي)
مسئلو: ناخن (ننهن) جي برابر انساني کل پاڻي ۾ ڪري پوي ته پاڻي ناپاڪ ٿي ويندو
وضاحت: هي مسئلو ياد رکڻ جو آهي. اڄڪلهه سياري جو موسم آهي ۽ سياري ۾ عموماً چپن وغيره تي خشڪي ٿي ويندي آهي، جنهن جي سبب چپن جي کل پاپڙيون بڻجي لهندي رهندي آهي. * جيڪڏهن هي پاپڙي ننهن جي برابر هجي ۽ * ان ۾ رطوبت (يعني کل جي پنهنجي تري) موجود هجي ته هي کل ناپاڪ آهي. جيڪڏهن هي کل پاڻي ۾ ڪري پوي ته پاڻي به ناپاڪ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami