Quran Aur Siddiq e Akbar Ki Shan

Book Name:Quran Aur Siddiq e Akbar Ki Shan

افضل بڻايو، اول رکيو) آهي ته ڪير آهي جيڪو انهن کي ان رتبي تان هٽائي پوئتي ڪري سگهي...؟ سندن شان ته هي آهي جو * زندگي ۾* موت ۾ * قبر ۾ هر جڳهه ثاني ئي آهن، سندن ذات ثَانِيَ اثْنَيْن جي مظهر آهي.

خليفهءِ اول حضرت صِدّيق آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت صِدّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جو هي وصف ته پاڻ ثَانِيَ اثْنَيْن (2 مان ٻيا) آهن، هن ڳالهه جي به دليل آهي ته پاڻ خلافتِ بِلا فصل (يعني مسلمانن جي پهرين خليفي ٿيڻ جا) حقدار آهن. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي وصالِ ظاهري کان پوءِ جڏهن صحابهءِ ڪرام عليهمُ الرّضوان جو پاڻ ۾ مشورو ٿيو ته هاڻي خليفو ڪير ٿيندو؟ ان وقت حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِيَ اللهُ عَنه انهيءَ آيتِ ڪريمه ڏانهن توجهه ڏياري صحابهءِ ڪرام عليهمُ الرّضوان تي هي واضح ڪيو ته جن جو شان ثَانِيَ اثْنَيْن آهي، اهي هتي به ثاني هوندا، تنهنڪري رسولُ الله صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جو پهريون خليفو ٿيڻ حضرت صِدّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جي ئي شان آهي. ([1])

(2): بي مثال صحابي

پيارا اسلامي ڀائرو! آيتِ ڪريمه ۾ حضرت صِدّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جي ٻي خصوصي شان هي بيان ٿي ته الله پاڪ فرمايو:

اِذْ یَقُوْلُ لِصَاحِبِهٖ

ترجموڪنزُالعرفان: جڏهن پاڻ پنهنجي ساٿيءَ کي فرمائي رهيا هئا.

يعني رسولُ الله صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم فرمايو، ڪنهن کي؟ پنهنجي صاحب کي ۽ اهي ڪير هئا؟ حضرت صِدِّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه.

هي به حضرت صِدِّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جي تمام وڏي ۽ خصوصي شان آهي. اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جا صحابه تمام گهڻا آهن، بُلند شانن وارا آهن، البت اها شخصيت جنهن کي الله پاڪ قرآنِ ڪريم


 

 



[1]...بخاری، کتاب الاحکام، باب الاستخلاف، صفحہ:1749-1750، حدیث:7219 خلاصۃً۔