Quran Aur Siddiq e Akbar Ki Shan

Book Name:Quran Aur Siddiq e Akbar Ki Shan

اِلَّا تَنْصُرُوْهُ فَقَدْ نَصَرَهُ اللّٰهُ (سيپارو: 10، التوبه: 40)

ترجمو ڪنزُ العرفان: جيڪڏهن توهان هن (نبي) جي مدد نه ڪندؤ ته الله سندن جي مدد ڪري چڪو آهي.

يعني اي منھنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم جا صحابه! جيڪڏھن اوھان اسان جي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم جي مدد، سندن خدمت ۽ سندن لاءِ جان نثاريءَ جو مظاھرو نه ڪندؤ ته ياد رکو! اوھان مان ڪو به نه ھجي، اسان جي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم جي خدمت، سندن مدد، سندن سان وفاداري ۽ جان نثاريءَ جو مظاھرو ڪرڻ لاءِ صرف ھڪ صديق ئي ڪافي آھن. ([1])

کر دیا سب کچھ نچھاور شاہ پر                                                                         با کمال و باوفا صدیق ہیں

غارِ ثور جو ايمان افروز واقعو

پيارا اسلامي ڀائرو! اهو واقعو جنهن ڏانهن هن آيتِ ڪريمه ۾ اشارو ڪيو ويو آھي، وڏو مشهور واقعو آھي، سيرت ۽ تاريخ جي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ موجود آھي، واقعو ڪجهه هن طرح آھي: اعلانِ نبوت جي 13 ھين سال رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم صحابهءِ ڪرام عليهمُ الرّضوان کي مديني جي هجرت جي اجازت عطا فرمائي. صحابهءِ ڪرام عليهمُ الرّضوان ھڪ ٻه ڪري يا پنهنجي پنهنجي حساب سان مڪي شريف کي ڇڏي مديني پاڪ ڏانهن وڃڻ لڳا، ان سلسلي ۾ حضرت صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه به هجرت جو ارادو ڪيو، سفر جي اجازت وٺڻ لاءِ بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيا، رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم فرمايو: لَاتَعْجَلْ لَعَلَّ اللَّهَ يَجْعَلُ لَكَ صَاحِبًا يعني اي ابوبڪر! جلدي نه ڪر! ٿي سگهي ٿو ته الله پاڪ توکي ھڪ ھم سفر ڏئي. حضرت صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه معاملو سمجهي ويا، پاڻ 2 ڏاچيون سفر لاءِ تيار ڪرڻ شروع ڪيون، 4 مهينن تائين انهن کي چڱيءَ طرح گاھُ پاڻي کارائيندا رھيا، تياريون سڀ مڪمل ھيون، بس ان ڏينهن جو انتظار هو، جڏهن قسمت کلندي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم 


 

 



[1]... تفسیر قرطبی، پارہ:10، سورۂ توبہ، زیر آیت:40، جز:8، جلد:4، صفحہ:61 ماخوذًا۔دارالفکر