Quran Aur Siddiq e Akbar Ki Shan

Book Name:Quran Aur Siddiq e Akbar Ki Shan

اِلَّا تَنْصُرُوْهُ فَقَدْ نَصَرَهُ اللّٰهُ اِذْ اَخْرَجَهُ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا ثَانِیَ اثْنَیْنِ اِذْ هُمَا فِی الْغَارِ اِذْ یَقُوْلُ لِصَاحِبِهٖ لَا تَحْزَنْ اِنَّ اللّٰهَ مَعَنَاۚ-فَاَنْزَلَ اللّٰهُ سَكِیْنَتَهٗ عَلَیْهِ (سيپارو: 10، التوبه: 40)

ترجموڪنزُالعرفان: جيڪڏهن توهان هن (نبي) جي مدد نه ڪندؤ ته الله سندن جي مدد ڪري چڪو آهي جڏهن ڪافرن سندن کي (انهن جي وطن مان) ڪڍي ڇڏيو هو جڏهن هي ٻن مان ٻيون هو جڏهن ٻئي غار ۾ هئا، جڏهن پاڻ پنهنجي ساٿيءَ کي فرمائي رهيا هئا غم نه ڪر، بيشڪ الله اسان سان گڏ آهي ته الله ان تي پنهنجي تسڪين نازل فرمائي.

پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيتِ ڪريمه ۾ حضرت صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جا ڪيئي شانَ بيان ٿيا آھن:

آيتِ ڪريمه جو پسِ منظر

سڀ کان پھريان ته هن آيتِ ڪريمه جو ڪجهه پسِ منظر سمجھي وٺو! ھي آيتِ ڪريمه سورتِ توبه ۾ آھي، جيڪڏھن اسان هن آيت کان پويان ڪجهه آيتون پڙھون ته ان مقام تي غزوهءِ تبوڪ جو ذڪر ٿي رھيو آھي. غزوهءِ تبوڪ ھڪ مشڪل غزوه هو، ھڪ ته ڏينھن تمام گرميءَ جا ھئا ۽ سفر تمام پري جو هو، صحابهءِ ڪرام عليهمُ الرّضوان جا مالي حالات به ڪجهه گھڻا بهتر نه ھئا، ان باوجود صحابهءِ ڪرام عليهمُ الرّضوان ان غزوي ۾ وڏي جان نثاريءَ جو مظاھرو ڪيو، پيارا آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم 30 ھزار جي لشڪر کي ساڻ وٺي رومين سان جنگ لاءِ روانا ٿيا. البت ڪجھ صحابهءِ ڪرام عليهمُ الرّضوان اھي ھئا، جيڪي ان غزوي ۾ شريڪ نه ٿي سگھيا ھئا.

ان پوري پسِ منظر ۾ ان مقام تي صحابهءِ ڪرام عليهمُ الرّضوان کي دين جي خدمت ڪرڻ ۽ رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم جي خدمت لاءِ تن، من، ڌن جي بازي لڳائڻ جي ترغيب ڏياري وئي. ھيءَ آيتِ ڪريمه جنھن جي وضاحت اسين ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪري رھيا آھيون، ان ۾ ھڪ الڳ انداز سان ترغيب ڏياري وئي، ارشاد ٿيو: