Quran Aur Siddiq e Akbar Ki Shan

Book Name:Quran Aur Siddiq e Akbar Ki Shan

بيان جو خلاصو

پيارا اسلامي ڀائرو! هي حضرت صِدّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جي بيشمار شانن ۽ عظمتن مان ڪجهه جو بيان هو * کين سفرِ هجرت ۾ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي خدمت جو موقعو نصيب ٿيو * پاڻ رسولِ اڪرم صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم تي جاني قربانين ۽ وفادارين جي لازوال مثال قائم ڪئي * الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ٻڌايو ته توهان ثَانِيَ اثْنَيْن (2 مان ٻيا) آهيو * توهان صاحبِ مصطفيٰ (يعني رسول الله صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جا خاص ساٿي ۽ دوست) آهيو * توهان کي الله پاڪ ۽ ان جي محبوب صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جو خصوصي ساٿ نصيب ٿيو * توهان تي سڪينه نازل ٿيو. الله پاڪ اسان کي اهڙي بلند رُتبي صحابيءِ رسول، وزيرِ مصطفيٰ، خليفهءِ رسولُ الله سان سچي پڪي محبت ڪرڻ، سندن اَدب ۽ احترام بجا آڻڻ، سندن نقشِ سيرت مان روشني وٺي پنهنجي زندگي سنوارڻ جي توفيق نصيب فرمائي. 22 جمادي الاُخريٰ يومِ صِدِّيقِ اڪبر جي موقعي تي پنهنجي گهرن ۾، دڪانن تي، آفيسن ۾ حضرت صِدّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه لاءِ ايصالِ ثواب جو اهتمام فرمايو! شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جو تمام پيارو رسالو آهي: عاشِقِ اڪبر. ان طرح سيرتِ صديقِ اڪبر تي مڪتبة المدينه جو جامع ڪتاب آهي: فيضانِ صِدّيقِ اڪبر، هي ٻئي ڪتاب مڪتبة المدينه تان طلب فرمايو! يا دعوتِ اسلامي جي ويب سائيٽ تان مفت ڊائونلوڊ ڪري وٺو! ۽ يومِ صِدّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جي موقعي تي پنهنجي گهر ۾ مختصر محفل ڪريو! پنهنجي اهلِ خانه کي، ٻارن کي ويهاري رسالو عاشِقِ اڪبر پڙهي ٻڌايو! ته جيئن اسان جي نسلن کي به محبتِ صِدّيقِ اڪبر نصيب ٿئي ۽ اسان دنيا ۽ آخرت ۾ فيضانِ صِدّيقِ اڪبر جا حقدار بڻجي وڃون. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد