Quran Aur Siddiq e Akbar Ki Shan

Book Name:Quran Aur Siddiq e Akbar Ki Shan

(3): الله پاڪ جو خصوصي ساٿ

 آيتِ ڪريمه ۾ حضرت صِدِّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جو ٽيون شان بيان ٿيو ته رسولِ اڪرم صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم کين تسلي ڏيندي فرمايو:

اِنَّ اللّٰهَ مَعَنَاۚ(سيپارو: 10، التوبه: 40)

ترجمو ڪنزُ العرفان: بيشڪ الله اسان سان گڏ آهي.

الله! الله! ڇا شان آهي حضرت صِدِّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جو...!! غار ۾ صرف رسولِ خدا صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم آهن، حضرت صِدّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه آهن ۽ انهن 2 بلند رتبي هستين تي الله پاڪ جي خاص تجليات جو ظهور ٿي رهيو آهي. علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: هي شرف جيڪو حضرت صِدّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه کي غارِ ثور ۾ نصيب ٿيو ته کين الله پاڪ ۽ ان جي پياري محبوب صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جو خصوصي ساٿ مليو، هي شرف ڪنهن نبي عَلَيْهِ السَّلام جي ڪنهن صحابي کي ناهي مليو. ([1])

الله پاڪ جو خصوصي ساٿ ڪنهن کي ملندو آهي؟

 پيارا اسلامي ڀائرو! امام فَخْرُ الدِّين رَازِي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن جڳهه تي عجيب نڪتو بيان ڪيو، پاڻ فرمائن ٿا: غارِ ثور ۾ حضرت صِدّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه کي الله پاڪ جو خصوصي ساٿ نصيب ٿيو، هاڻي ڏسڻو هي آهي ته الله پاڪ جو خصوصي ساٿ ملندو ڪهڙن ماڻهن کي آهي؟ الله پاڪ فرمائي ٿو: ([2])

اِنَّ اللّٰهَ مَعَ الَّذِیْنَ اتَّقَوْا وَّ الَّذِیْنَ هُمْ مُّحْسِنُوْنَ۠(۱۲۸)(سيپارو: 14، النحل: 128)

ترجمو ڪنزُ العرفان: بيشڪ الله انهن ماڻهن سان گڏ آهي جيڪي ڊڄندا آهن ۽ اهي جيڪي نيڪيون ڪرڻ وارا آهن.

معلوم ٿيو: جيڪو به تقويٰ وارو آهي، نيڪ آهي، ان کي الله پاڪ جو خصوصي ساٿ ملندو آهي ۽ جهڙو ساٿ غارِ ثور ۾ صِدّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه 


 

 



[1]...تفسیر قرطبی، پارہ:10، سورۂ توبہ، زیر آیت:40، جلد:4، صفحہ:61 خلاصۃً۔

[2]...تفسیر کبیر، پارہ:10، سورۂ توبہ، زیر آیت:40، جلد:16، صفحہ:67 خلاصۃً۔