Quran Aur Siddiq e Akbar Ki Shan

Book Name:Quran Aur Siddiq e Akbar Ki Shan

مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم پنهنجي يارِ غار کي ساڻ وٺي سفر تي روانا ٿيا. ([1])

روايتن ۾ آھي: رستي ۾ حضرت صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه  جو عجيب انداز رهيو، پاڻ ڪڏهن رسولِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم جي اڳيان اڳيان ھلڻ لڳندا، ڪڏهن ساڄي طرف اچي ويندا، ڪڏهن کاٻي طرف ٿي ويندا، ڪڏهن پٺيان ھلڻ لڳندا. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم پڇيو: ابوبڪر! ائين ڇو ٿا ڪيو؟ عرض ڪيائون: يا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم! مون کي جڏهن خوف ايندو آھي ته ڪو دشمن اڳيان تاڙ ۾ نه ويٺو هجي ته اوھان جي اڳيان ھلڻ لڳندو آھيان ۽ جڏهن اھو خيال ايندو آھي ته ڪو پيڇو ڪرڻ وارو پٺيان کان حملو نه ڪري ته اوھان جي پٺيان ھلڻ لڳندو آھيان. ٻنهي جهانن جي مالڪ و مختار، مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: يَا اَبَابَكْر! لَوْ کَانَ شَیْءٌ اَحْبَبْتَ اَنْ یَکُوْنَ لَکَ دُوْنِی؟ يعني اي ابوبڪر! ڇا توھان اھو پسند ڪيو ٿا ته جيڪڏهن ڪا تڪليف پهچي ته توھان کي پهچي مون کي ڪجهه نه ٿئي؟ پاڻ رَضِيَ اللهُ عَنه عرض ڪيو: نَعَمْ! وَالَّذِیْ بَعَثَکَ بِالْحَقِّ مَا کَانَتْ لَتَکُنْ مِنْ مَلِمَّۃٍ اِلَّا اَحْبَبْتُ اَنْ تَکُوْنَ لِیْ دُوْنَکَ جي ھا! يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم! اُن رب ذوالجلال جو قَسم جنھن اوھان کي سچو نبي بڻائي موڪليو! مان اھو پسند ڪندو آھيان ته ڪا به تڪليف هجي ته اھا مون کي پهچي، اوھان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم کي ڪجهه به نه ٿئي. ([2])

یہ اک جان کیا ہے اگر ہوں کروڑوں

ترے  نام   پہ   سب   کو   وارا  کروں  میں([3])

پيادل ئي سفر جاري هو، حضرت صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه خدمت ڪندي ڪندي جبلِ ثور جي ويجهو پهتا، جبل جي مٿان وڃي بلندي تي ھڪ غار هو، جنھن کي غارِ ثور چوندا آهن، ارادو اھو هو ته ڪجهه ڏينهن لاءِ ان غار ۾ لڪي ڪري ترسجي.


 

 



[1]...تاریخ الخمیس، الطبقۃ الثالث، الرکن الثالث، الفصل الاول، جلد:1، صفحہ:324 خلاصۃً۔ pdf ۔

[2]...دلائل النبوۃ بیہقی، جماع ابواب المبعث، باب خروج النبی صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم...الخ، جلد2، صفحہ:476۔

[3]...سامانِ بخشش، صفحہ:152۔