Quran Aur Siddiq e Akbar Ki Shan

Book Name:Quran Aur Siddiq e Akbar Ki Shan

حضرت صِدّيقِ اڪبر هر مقام تي ثاني آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو هي جيڪو پيارو پيارو وصف آهي جو پاڻ 2 مان ٻيا آهن، هي صرف غارِ ثور سان متعلق ناهي جو پاڻ صرف اتي ئي ثَانِيَ اثْنَيْن (2 مان ٻيا) هئا، علماءِ ڪرام رَحمَةُ اللهِ عَليهم فرمائن ٿا: حضرت صِدّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جي پوري سيرت مبارڪ کي پڙهي وٺو! هر جڳهه تي حضرت صِدِّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه ثَانِي (يعني پياري آقا صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم کان پوءِ سڀ کان پهريان) آهن * ايمان آڻڻ ۾ ڏسو! بالغ مردن ۾ حضرت صِدِّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه پهريان مسلمان آهن، يعني جڏهن پاڻ ايمان قبول ڪيو ان وقت بالغ مردن ۾ 2 ئي مسلمان هئا: هڪ الله پاڪ جا آخري نبي صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم، ٻيا حضرت صِدِّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه * غارِ ثور ۾ به پاڻ ثَانِي (يعني ٻيا) آهن * تبليغِ دين ۾ به پاڻ ثاني آهن جو رسولُ الله    صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم کان پوءِ سڀ کان پهريان پاڻ ئي دين جي تبليغ فرمائي* نماز جي امامت ۾ به پاڻ ثاني آهن، هن امت جا پهريان امام رسولِ اڪرم صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم آهن ۽ ٻيا امام جن رسولِ اڪرم صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي موجودگي ۾ نماز پڙهائڻ جي سعادت حاصل ڪئي حضرت صِدِّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه ئي آهن * تمام غزوات ۾ به پاڻ هميشه درجا ثاني (يعني ٻئي درجي) تي رهيا * تقويٰ ۽ پرهيزگاري ۾ به پاڻ ثاني آهن ته سڀ کان وڏا مُتَّقي رسولِ ذيشان صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم آهن،  پاڻ کان پوءِ اُمت ۾ سڀ کان وڏا متقي صِدّيقِ اڪبر آهن * پوءِ ڏسو! گنبدِ خضريٰ ۾ ڪُل 4 مزارن جي جاءِ آهي، هتي دفن ٿيڻ جي اعتبار کان به پاڻ ثاني آهن.

ثَانِیَ اثْنَیْن ہیں بُوبکر خدا میرا گواہ                                                             حق مُقَدَّم کرے پھر کیوں ہوں مُؤخَّر صدیق

زِیست میں موت میں اور قبر میں ثانی ہی رہے ثَانِیَ اثْنَیْن کے اس طرح ہیں مظہر صدیق([1])

وضاحت: حضرت صديق اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه ثَانِيَ اثْنَيْن (يعني پياري آقا صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم کان پوءِ سڀ کان پهريان) آهن، ان تي ڪلامِ الٰهي جي گواهي موجود آهي، تنهنڪري جڏهن الله پاڪ پاڻ رَضِيَ اللهُ عَنه کي مُقدَّم فرمايو (يعني


 

 



[1]...دیوانِ سالک، صفحہ:70۔