Book Name:Quran Aur Siddiq e Akbar Ki Shan
صَدَقَ اللهُ الْعَظِيمُ وَ صَدَقَ رَسُولُهُ النَّبِيُّ الْكَرِيمُ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم
ترجمو ڪنزُ العرفان: جيڪڏهن توهان هن (نبي) جي مدد نه ڪندؤ ته الله سندن جي مدد ڪري چڪو آهي جڏهن ڪافرن سندن کي (انهن جي وطن مان) ڪڍي ڇڏيو هو جڏهن هي ٻن مان ٻيون هو جڏهن ٻئي غار ۾ هئا، جڏهن پاڻ پنهنجي ساٿيءَ کي فرمائي رهيا هئا غم نه ڪر، بيشڪ الله اسان سان گڏ آهي ته الله ان تي پنهنجي تسڪين نازل فرمائي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! 22 جمادي الاُخريٰ يومِ صديقِ اڪبر آھي، يعني ان تاريخ تي سيد الاتقيا (متقين جا سردار)، وزيرِ مصطفى، خليفهءِ رسولُ الله، يارِ غارِ مصطفى، يارِ مزارِ مصطفى، عاشقِ اڪبر، عابدِ اڪبر، زاھدِ اڪبر، سيدنا و مولانا ابوبڪر صديق رَضِيَ اللهُ عَنه وصال فرمايو، ان ڪري دنيا ڀر ۾ عاشقانِ رسول جمادي الاُخريٰ ۾ حضرت صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جي ياد ۾ محفلون سجائيندا، سندن ذڪر خير ٻڌندا، ٻڌائيندا، لنگر پچائيندا ۽ ايصالِ ثواب ڪري نيڪيون ڪمائيندا آهن. ان ڪري اڄ اسان به حضرت صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جو ذڪرِ خير ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت صديقِ اَڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه اھا بلند رتبي واري ھستي آھن، جن جي فضيلتن ۾ ڪيئي قرآني آيتون نازل ٿيون. * پاڻ اھي ذيشان آھن جن کي قرآنِ ڪريم اَتْقٰي (يعني اُمَّت ۾ سڀ کان وڏو مُتقي) فرمايو * کين اُولُو الْفَضْل (يعني فضيلت وارو) فرمايو ويو * کين قرآنِ ڪريم تصديق ڪرڻ وارو فرمايو * کين مُتَوَڪِّل (يعني الله پاڪ تي ڀروسو رکڻ وارو) فرمايو ويو * کين خائف ڪبريا (يعني الله پاڪ کان گھڻو ڊڄڻ وارو) فرمايو ويو * کين قرآنِ ڪريم ۾ صالحُ الْمُؤْمِنِين (يعني نيڪ ايمان وارو) فرمايو ويو * کين دين تي ثابت قدم رهڻ وارو فرمايو ويو * قرآنِ ڪريم ۾ سندن هي اوصاف بيان ٿيا: پاڻ الله پاڪ کان محبت ڪرڻ وارا