Book Name:Quran Aur Siddiq e Akbar Ki Shan
حسّان بن ثابت رَضِيَ اللهُ عَنه کي فرمايو: اي حسّان! ڇا تو منھنجي صديق جي تعريف ۾ به ڪو شعر لکيو آھي؟ عرض ڪيائون: جي ھا! يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم! فرمايائون: مون کي به ٻڌاءِ! ھاڻي حضرت حسّان بن ثابت رَضِيَ اللهُ عَنه حضرت صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جي شان ۾ جيڪي اشعار لکيا، انهن ۾ ٽائٽل سندن انهيءَ وصف کي بڻايو، پاڻ بارگاھِ رسالت ۾ هي شعرَ ٻڌائيندي عرض ڪيو:
وَثَانِيَ اثْنَيْنِ فِي الْغَارِ الْمُنِيفِ وَقَدْ طَافَ الْعَدُوُّ بِهِ اِذْ صَاعَدَ الْجَبَلا
ترجمو: اي ابوبڪر صديق رَضِيَ اللهُ عَنه! توهان ان بابرڪت غارِ ثور ۾ ثَانِيَ اثْنَيْن يعني 2 مان ٻيا هئا، جڏهن دشمن ان جبل جي چوڌاري چڪر لڳايو ۽ ان تي چڙهيو.
وَكَان حُبَّ رَسُولِ اللہِ قَدْ عَلِمُوا مِنَ الْبَرِيَّةِ لَمْ يَعْدِلْ بِهِ بَدَلَا
ترجمو: سڀ ڄاڻن ٿا ته رسولُ الله صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي بارگاهه ۾ توهان سڀني مخلوق کان وڌيڪ محبوب آهيو، بارگاھِ رسالت ۾ ڪو به توهان جي هم پلهه ناهي.
خَاتَمُ الْمُرْسَلِين، رَحْمَةٌ لِّلْعٰلَمِين صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم هي ٻڌي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ايترو ته مُرڪيا جو پاڻ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جا مبارڪ ڏند نظر اچڻ لڳا، پوءِ ارشاد فرمايائون: اي حسَّان! تو سچ چيو، ابوبڪر اهڙا ئي آهن. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي صِدّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جو...!! منهنجا ۽ توهان جا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم مسجدِ نبوي شريف جي منبر تي ويهي سندن شانَ بيان به ڪن ٿا ۽ سندن شان ۾ لکيل اشعار ٻڌي خوشي جو اظهار به فرمائن ٿا. الله پاڪ اسان کي به حضرت صِدّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جا شانَ بيان ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جي توفيق عطا فرمائي.
[1]...طبقات الکبریٰ، الطبقۃ الاولیٰ، ابو بکر صدیق، ذکر الغار والہجرۃ الی المدینہ، جلد:3، صفحہ:129-130۔