Quran Aur Siddiq e Akbar Ki Shan

Book Name:Quran Aur Siddiq e Akbar Ki Shan

۾ صحابيءِ رسول فرمايو هجي، اهي صرف ۽ صرف حضرت صِدّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه ئي آهن.  

سبھی اَصْحاب سے بڑھ کر مُقَرَّب ذات ہے ان کی

رفیقِ   سَرورِ   اَرْض  و  سَمَا   صِدِّیقِ  اکبر  ہیں([1])

ماڻهو دوست جي دين تي هوندو آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت صِدِّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جو صاحِبِ مصطفيٰ (يعني رسولِ ذيشان صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جو دوست هجڻ) تمام بلند شان آهي ۽ سندن هي ڪمال آهي ته پاڻ اسلام کان اڳ به پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جا سچا دوست هئا ۽ سندن هيءَ دوستي مڪي شريف ۾ مشهور هئي. هاڻي هتي ٿورو هڪ حديثِ پاڪ ڏانهن توجهه ڪيو! الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم فرمايو: اَلْمَرْءُ عَلٰی دِيْنِ خَلِيْلِہٖ ماڻهو پنهنجي دوست جي دين تي هوندو آهي). ([2])

سُبْحَانَ الله! ڇا شان آهي! قرآنِ ڪريم حضرت صِدِّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه کي صاحِبِ رسول (يعني رسول الله صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جو دوست) فرمائي ٿو ۽ حضور فرمائن ٿا: ماڻهو پنهنجي دوست جي دين تي هوندو آهي، نتيجو ڇا نڪتو...؟؟ اهو ئي ته * جنهن کي صِدّيقِ اڪبر جو دين ڏسڻو هجي اهو رسولُ الله صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي دين کي ڏسي وٺي * جنهن کي صِدّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جا اخلاق ڏسڻا هجن، اهو رسولُ الله صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي اخلاقَ کي ڏسي وٺي * جنهن کي صِدّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جو علم، عمل، ڪردار، تقويٰ، توڪل، ايمان جي پختگي ڏسڻي هجي، رسولُ الله صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي عظمت ۽ شان کي ڏسي وٺي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هر هر جڳهه تي، هر هر وصف ۾ حضرت صِدّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جي ذات جي اندر مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جو فيضانِ صُحبت چمڪندو نظر ايندو.


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:566۔

[2]...مسند ابو داؤد طیالسی، وما اسند ابو ہریرہ، موسیٰ بن وردان، جلد:4، صفحہ:299 حدیث:2696۔