Book Name:Quran Aur Siddiq e Akbar Ki Shan
آھن، الله پاڪ ساڻس محبت فرمائيندو آهي پاڻ مومنن تي رحم دل آھن دشمنانِ اسلام تي شدت ڪرڻ وارا آھن * راھ خدا ۾ سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ وارا آھن ۽ * دين جي معاملي ۾ ڪنھن ملامت ڪرڻ واري جي ملامت کان خوف ناهن رکندا * حضرت صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه اھي ذيشان آھن، جن جي متعلق ارشاد ٿيو ته الله پاڪ سندن دل پرھيزگاري لاءِ پرکي ورتو آھي * قرآنِ ڪريم اسان کي ۽ قيامت تائين ايندڙ مسلمانن کي سندن رستي تي ھلڻ جو حڪم ڏنو ۽ * سندن شان ۾ الله پاڪ ايتري قدر فرمايو ته الله پاڪ اوھان کي ايترو اجر عطا فرمائيندو جو اوھان راضي ٿي ويندؤ.
بیاں ہو کس زباں سے مرتبہ صدیقِ اکبر کا ہے یارِ غار محبوبِ خدا صدیق اکبر کا
خدا اِکرام فرماتا ہے اَ تْقٰی کہہ کے قرآں میں کریں پھر کیوں نہ اِکرام اَ تْقِیَا صدیقِ اکبر کا
گدا صدیق اکبر کا خدا سے فَضْل پاتا ہے خدا کے فَضْل سے میں ہوں گدا صِدِّیق اَکْبر کا([1])
وضاحت: حضرت صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جو مرتبو ڪھڙي زبان سان بيان ڪري سگھجي ٿو...؟ جو محبوبِ خدا، محمد مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم حضرت صديقِ اڪبر جا يارِ غار آھن. اھلِ تقوى (نيڪ مسلمان) سندن عزت ۽ تعظيم ڇو نه ڪن جو الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ کين اَتْقٰي (يعني اُمت ۾ سڀ کان وڏو متقي) فرمائي ڪري سندن عزت وڌائي آھي. جيڪو صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جي در جو غلام ھجي اھو الله پاڪ جو فضل ۽ رحمت ماڻيندو آهي ۽ مان ربِ ڪريم جي فضل سان صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جو گدا آھيان.
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جا اھڙا شانَ آھن جيڪي قرآنِ ڪريم ۾ بيان ٿيا آھن، اھي ڪيئي آيتون جيڪي سندن شان و عظمت ۾ نازل ٿيون، انھن مان ھڪ آيت اھا آھي جنھن جو ھڪ حصو اسان شروع ۾ ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، الله پاڪ فرمائي ٿو: