Book Name:Quran Aur Siddiq e Akbar Ki Shan
کي مليو، اهڙو ساٿ ڪنهن نبي عَلَيْهِ السَّلام جي ڪنهن به صحابي کي نه ملي سگهيو، ان مان ثابت ٿي ويو ته جهڙا متقي ۽ جهڙا نيڪوڪار حضرت صِدّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه آهن، اهڙو متقي، اهڙو نيڪوڪار ڪنهن امت ۾ ڪو به ناهي ٿي سگهيو.
خُدائے پاک کی رحمت سے انسانوں میں ہر اِک سے
فزُوں تَر بعد از کُل انبیا صِدِّیقِ اکبر ہیں([1])
وضاحت: الله پاڪ جي رحمت سان حضرت صِدّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه نبين کان پوءِ تمام انسانن کان افضل ۽ اعليٰ آهن.
(4): صِدّيقِ اڪبر تي سڪينه نازل ٿيو
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت صِدّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جو چوٿون خصوصي شان بيان ٿيو:
فَاَنْزَلَ اللّٰهُ سَكِیْنَتَهٗ عَلَیْهِ(سيپارو: 10، التوبه: 40)
ترجموڪنزُالعرفان: ته الله ان تي پنهنجي تسڪين نازل فرمائي.
هي به حضرت صِدّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جو بلند شان آهي. الله پاڪ سندن تي سڪينه نازل فرمايو، کين دلي سڪون ۽ اطمينان عطا فرمايو ويو. ([2])
امام غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه مڪاشفةُ القلوب ۾ نقل فرمائن ٿا: حضرتِ صِدّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جڏهن دشمن جي ڏسي وٺڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ته رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم فرمايو: جيڪڏهن هي ماڻهو هتان اندر داخل ٿيا ته اسين هُتان نڪري وينداسين. عاشقِ اڪبر صِدِّيقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جيئن ئي هوڏانهن نگاهه ڪئي ته ٻي طرف هڪ دروازو نظر آيو جنهن سان گڏ هڪ سمنڊ موجون هڻي رهيو هو ۽ غار جي دروازي تي هڪ ٻيڙي ٻَڌل هئي.([3]) سُبْحٰنَ اللہ!