Book Name:Quran Aur Siddiq e Akbar Ki Shan
لَا تَحْزَنْ اِنَّ اللّٰهَ مَعَنَا (سيپارو: 10، التوبه: 40)
ترجموڪنزُ العرفان: غم نه ڪر، بيشڪ الله اسان سان گڏ آهي.
پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم جو اھو فرمانِ عالي شان ٻڌڻ جي دير هئي ته حضرت صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه کي اطمينان ٿي ويو، الله پاڪ فرمائي ٿو:
فَاَنْزَلَ اللّٰهُ سَكِیْنَتَهٗ عَلَیْهِ (سيپارو: 10، التوبه: 40)
ترجموڪنزُالعرفان: ته الله ان تي پنهنجي تسڪين نازل فرمائي.
حضرت صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه فرمائن ٿا: ان رات کان پوءِ مون کي ڪڏهن ڪنھن به شيءِ جي متعلق خطرو نه ٿيو، نه دين جي معاملي ۾ مون کي ڪڏهن وحشت ٿي. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! ان آيتِ ڪريمه ۾ مسلمانن جي پهرين خليفي حضرت ابوبڪر صديق رَضِيَ اللهُ عَنه جا گھڻا ئي شانَ بيان ٿيا آھن، اھي شانَ ته ايترا آھن جو علماءِ ڪرام هن آيت جي تفسير ۽ ان مان معلوم ٿيندڙ صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جي شانن تي ڪتابَ لکيا آھن، البت! اسان مختصر مختصر طور تي ڪجهه شانَ ٻڌون ٿا: بنيادي طور تي هن آيتِ ڪريمه ۾ حضرت صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جا 4 خصوصي شانَ بيان ٿيا آھن:
(1): ثانيَ اثْنَيْن (2 مان ٻيو)
پھريون شان: الله پاڪ فرمايو:
ثَانِیَ اثْنَیْنِ (سيپارو: 10، التوبه: 40)
ترجموڪنزُالعرفان: ٻن مان ٻيون
ھي حضرت صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جي وڏي شان آھي، روايت آھي: هڪ ڀيرو سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم پاڻ حضرت