Book Name:Quran Aur Siddiq e Akbar Ki Shan
الله! الله! عرشِ اعظم جو سينو ٿڌو ڪرڻ وارا پيارا پيارا مبارڪ پير سخت پهاڙن تي ھلندي غار تائين پهتا، حضرت صديق رَضِيَ اللهُ عَنه جي عشق کي اھا ڳالھ گوارا نه ٿي، محبت جي غلبي ۾ پاڻ محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم کي پنهنجي ڪلهن تي کنيو ۽ وڏي ناز و انداز سان جبل جي مٿان، بلندي تي غار جي منھن تائين وٺي آيا.
هاڻي غار جي اندر داخل ٿيڻو هو، ھتي به عشقِ صديق جو الڳ رنگ هو، پھريان پاڻ خود غار جي اندر ويا ته جيئن اندر ڪا تڪليف ڏيندڙ شيءِ هجي ته پاڻ کي تڪليف پهچي پر محبوب ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم کي ٿوري به تڪليف نه پهچي، اندر وڃي پاڻ غار جي صفائي ڪئي، سوراخ وغيره بند ڪيا، پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم کي اندر اچڻ جي درخواست پيش ڪئي. ([1])
اھو خوش نصيب غار آھي جتي رسولِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم ۽ سندن يارِ غار 3 ڏينهن گذاريا. صوفياءِ ڪرام رَحْمَۃُ اللہِ عَلَيْهِم فرمائن ٿا: حضرت صديق اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه غار ۾ حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم سان اڪيلائي ۾ ائين رھيا جيئن حضورِ انور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم معراج ۾ پنهنجي ربِ ڪريم سان قَابَ قَوْسَيْنِ (يعني انتھائي قرب جي مقام) تي حاضر ٿيا. اھو غار ان وقت عرش کان افضل هو. ھي جڳھ معراجِ صديق جي ھئي. ([2])
بیاں ہو کس زباں سے مرتبہ صدیق اکبر کا ہے یارِ غار محبوبِ خدا صدیق اکبر کا
نبی کا اور خدا کا مدح گو صدیق اکبر ہے نبی صدیق اکبر کا، خدا صدیق اکبر کا([3])
سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقن جا به نرالا شانَ ھوندا آھن، ان مقام تي امامِ عشق و محبت، سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو عشق ڏسو! لکن ٿا:
قسمتِ ثَوْر و حِرا کی حرص ہے چاہتے ہیں دِل میں گہرا غار ہم([4])