Book Name:Quran Aur Siddiq e Akbar Ki Shan
جو رفيقِ سفر بڻجڻ جي سعادت نصيب ٿيندي، ان انتظار ۾ 4 مهينا گذري ويا، آخر اھو ڏينهن به اچي ويو.
اھا پهرين ربيع الاول هئي، منجهند جو وقت هو، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم حضرت صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جي گھر تشريف وٺي آيا.
پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم فرمايو: ابوبڪر! مون کي هجرت جو حڪم ڏنو ويو آھي. حضرت صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه فوراً عرض ڪيو: فَالصُّحْبَةُ بِاَبِيْ اَنْتَ وَ اُمِّیْ يَا رَسُولَ اللهِ! اي الله پاڪ جا رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم! منهنجا ماءُ پيءُ اوھان تي قربان ٿين؟ ڇا مون کي سفر جو ساٿي بڻجڻ جي سعادت ملندي؟ فرمايائون: ھا! (توھان مون سان گڏ ھلندؤ). ([1])
اھو فرمانِ عالي شان ٻڌي حضرت صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جون اکيون ڳوڙھن سان ڀرجي ويون. صديقه بنتِ صديق حضرت عائشه رَضِيَ اللهُ عَنہا فرمائين ٿيون: مون کي خبر نه ھئي ته خوشيءَ جا به ڪي ڳوڙھا هوندا آھن، ان ڏينھن پنهنجي والد صاحب حضرت صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه جي اکين ۾ ڳوڙھا ڏٺا ته خبر پئي ته روئڻ صرف غم جو ناهي ٿيندو، خوشيءَ جو به ٿيندو آھي. ([2])
پروانے کو چراغ ہے بلبل کو پھول بس صدیق کے لئے ہے خدا کا رسول بس([3])
خير! حضرت صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنه هجرت لاءِ سمورا ضروري انتظام ڪيا، رات ٿي، صادق و امين نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم حضرت علي المرتضىٰ شيرِ خدا رَضِيَ اللهُ عَنه کي پنهنجي بستري تي سمهاريو، مڪي وارن جون جيڪي امانتون پاڻ وٽ رکيل هيون، اهي حضرت علي رَضِيَ اللهُ عَنه جي حوالي فرمايون ۽ نصيحت ڪئي ته امانتون انهن جي مالڪن تائين پهچائي اهي به مديني پاڪ اچي وڃن، اھي انتظام ڪري سرڪارِ عالي وقار،