Mahboobiyat e Mustafa

Book Name:Mahboobiyat e Mustafa

مَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَ مَا قَلٰىؕ(۳)   (سيپارو: 30، والضُّحيٰ: 3)

ترجمو ڪنزُ العرفان: تنهنجي رب نه توکي ڇڏيو نه ناپسند ڪيو.

هيءَ آيت  ڪريمه محبوبيتِ مصطفيٰ جو مختصر بيان آهي، هونئن الله پاڪ کي پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم سان ڪيتري محبت آهي، اسان ان جو اندازو لڳائي ئي نٿا سگهون. اسان ان محبت جو وڌ کان وڌ بيان ڪري سگهون ٿا ته صرف ايترو ئي ته

کسی کو کسی سے ہوئی ہے نہ ہو گی                       خُدا کو ہے جتنی محبّت کسی کی ([1])

مطلب ته: الله پاڪ کي پنهنجي محبوب سان ڪهڙي محبت آهي؟ ڪيتري محبت آهي؟ اسان نه ٿا ڄاڻون، نه ئي ڄاڻي سگهون ٿا، البته هن آيت ۾ ان محبت جون ڪجهه جهلڪيون ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون.

وَحي رڪجڻ جون چند حڪمتون

سڀ کان پهريان ته ان ئي ڳالهه تي غور فرمايو ته ڪجهه ڏينهن لاءِ وحي اچڻ بند ٿي وئي هئي، غير مسلمن ان کي غلط نگاهه سان ڏٺو، ان مان منفي (Negative) نتيجو ڪڍيو، اهي سمجهيا ته ڇوته وحي نازل نٿي ٿئي، تنهنڪري ان مان معلوم ٿئي ٿو ته محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جي رب کين ڇڏي ڏنو آهي، کانئن ناراض ٿي ويو آهي. انهن جو پنهنجو نقطه نظر هو، ظاهر آهي جهڙو دماغ هجي، اهڙي ئي سوچ هوندي آهي. ڪافرن منفي سوچيو، الله پاڪ فرمايو:

مَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَ مَا قَلٰىؕ(۳)   (سيپارو: 30، والضُّحيٰ: 3)

ترجمو ڪنزُ العرفان: تنهنجي رب نه توکي ڇڏيو نه ناپسند ڪيو.

هاڻي هتي جيڪا سمجهڻ جي ڳالهه آهي، اها هيءَ آهي ته الله پاڪ ڪافرن جو ته رد فرمايو ته وحي جو ڪجهه ڏينهن لاءِ رڪجي وڃڻ، ان ڪري ناهي ته الله پاڪ توهان کي ڇڏي ڏنو آهي بلڪه ان جون حڪمتون ڪجهه ٻيون آهن.


 

 



[1]... ذوق نعت، صفحہ:234۔