Book Name:Mahboobiyat e Mustafa
مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جا به آقا آهن، امام الانبياء آهن، نبين جا نبي آهن، پاڻ مُؤَيَّد بِالْجِبْرِيْل نه پر مُؤَيَّد بِالله آهن، يعني پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي حضرت جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي ذريعي تائيد نه ڏني وئي پر الله پاڪ فرمايو:
مَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَ مَا قَلٰىؕ(۳) (سيپارو: 30، والضُّحيٰ: 3)
ترجمو ڪنزُ العرفان: تنهنجي رب نه توکي ڇڏيو نه ناپسند ڪيو.
معلوم ٿيو: اهي حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم هئا جن کي حضرت جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي ذريعي قوت ڏني وئي، هي محبوبِ ذيشان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم آهن، کين الله پاڪ پنهنجي خاص عنايت ۽ تائيد، مدد ۽ نصرت، رحمت ۽ مهرباني سان سرفراز فرمايو آهي.
الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ اصْبِرْ لِحُكْمِ رَبِّكَ فَاِنَّكَ بِاَعْیُنِنَا (سيپارو: 27، الطور: 48)
ترجموڪنزُالعرفان: اي محبوب! اوهان پنهنجي رب جي حڪم تي قائم رهو جو بيشڪ اوهان اسان جي نگاهن (حفاظت) ۾ آهيو.
اللہ! اللہ! هي منهنجي محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو نرالو شان آهي...!! پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم هر وقت، هر لمحي اللہ پاڪ جي حفاظت ۽ رحمت، عنايت ۽ نصرت ۽ مدد ۽ تائيد سان سرفراز آهن.
قرآنِ ڪريم ٿورو ٿورو نازل ٿيڻ جي هڪ حڪمت
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم مُؤَیَّد بِاللہ آهن يعني پاڻ کي الله پاڪ خاص پنهنجي تائيد ۽ مدد سان سرفراز