Mahboobiyat e Mustafa

Book Name:Mahboobiyat e Mustafa

هن آيتِ ڪريمه جي ضمن ۾ محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جن جي ٻين به ڪيترين ئي شانن جو بيان آهي، وقت جيئن ته گهٽ آهي، ان ڪري آخر ۾ هن آيتِ ڪريمه جي باري ۾ هڪ ايمان افروز نڪتو پڻ ٻڌي وٺو

غلامانِ مصطفيٰ جي فضيلت

امام فخر الدين رازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هي ايمان افروز نڪتو بيان ڪيو آهي، خلاصتاً (Briefly) عرض ڪري رهيو آهيان، پاڻ لکن ٿا: الله پاڪ فرمايو:

مَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَ مَا قَلٰىؕ(۳)     (سيپارو: 30، والضُّحيٰ: 3)

ترجمو ڪنزُ العرفان: تنهنجي رب نه توکي ڇڏيو نه ناپسند ڪيو.

هتي ڏسو! الله پاڪ ڪنهن کي نه ڇڏيو؟ فرمايائون: ” کَ“ اي محبوب! توهان کي نه ڇڏيو. ۽ الله پاڪ ناراض ڪنهن کان نه ٿيو؟ ان جو آيت ۾ ذڪر ناهي. تنهنڪري هاڻي آيت جو مفهوم صرف اهو نه هوندو ته اي محبوب! الله پاڪ توهان کان ناراض نه ٿيو، بلڪه معنيٰ آهي: الله پاڪ ناراض نه ٿيو. ڪنهن کان ناراض نه ٿيو؟ امام رازي فرمائن ٿا: مطلب هي آهي ته * اي محبوب! الله پاڪ توهان کان به ناراض نه ٿيو * توهان جي صحابهءِ ڪرام کان به ناراض نه ٿيو ۽ * قيامت تائين جيڪو جيڪو خوش نصيب توهان جي سچي غلامي اختيار ڪندو، توهان سان سچي محبت ڪندو، توهان جي صدقي ۾ الله پاڪ ان کان به ناراض نه ٿيندو.)[1](

سُبْحٰنَ الله! هي به محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي شانِ محبوبيت آهي ته پاڻ خود ته الله پاڪ جا محبوب آهن ئي، ان سان گڏوگڏ الله ڪريم پاڻ کي هي شان به عطا فرمايو آهي ته جيڪو خوش نصيب سندن دامنِ رحمت سان چنبڙي ويندو آهي، سندن سچي غلامي اختيار ڪري وٺندو آهي، الله پاڪ


 

 



[1]...تفسیرِ کبیر،پارہ:30،الضحٰی،زیرِ آیت:3،جلد:11،صفحہ:192خلاصۃً۔