Book Name:Mahboobiyat e Mustafa
بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي هڪ شرعي مسئلو عرض ڪيان شرعي مسئلو
(صحيح شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ موجود غلط فهمي جي نشاندهي)
مسئلو: مقدس نالي وارو بيج لڳائي بيت الخلا (واش روم) وڃڻ مڪروه ۽ بي ادبي آهي.
وضاحت: ربيع الاول شريف جو مهينو آهي، عموماً عاشقانِ رسول نعلين شريف وارا، خانه ڪعبه، گنبدِ خضراء جا نقش يا مختلف تحريرن وارا بيج لڳايا هوندا آهن، ياد رکو! اهڙا بيج لڳائي بيت الخلا ۾ وڃڻ مڪروه ۽ بي ادبي آهي.[1] اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جي منڊي مبارڪ تي مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ الله لکيل هو، ترمذي شريف ۾ آهي: جڏهن پيارا آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم بيت الخلا ۾ ويندا هئا، ته پنهنجي منڊي مبارڪ (Ring) لاهي ڇڏيندا هئا.[2]
تنهنڪري يادگيري سان هن ڳالهه جو لحاظ ڪيو وڃي، مقدس نالن وارا، نعلينِ پاڪ، گنبدِ خضراء وغيره وارا بيج لڳائڻ بلڪل جائز آهي پر جڏهن به بيت الخلا ۾ وڃڻو هجي ته اهڙي قسم جو بيج لاهي ڪنهن مناسب جاءِ تي رکي ڇڏجي! جيڪڏهن ضايع ٿيڻ جو خطرو هجي ته کيسي (Pocket) ۾ وجهي ڇڏجي! يا ڪا به ادب واري صورت اختيار ڪري ڇڏجي! الله پاڪ اسان کي صحيح اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد