Book Name:Mahboobiyat e Mustafa
سان بي پناهه محبت آهي، ان ڪري ئي ته عرض ڪري رهيا آهن: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم! مون کي توهان جي خدمت ۾ حاضري جو گهڻو شوق هو، توهان جي جدائي ۾ مون کي به چين نه هو پر مان الله پاڪ جي حڪم جو پابند آهيان.
بے لقائے یار اُن کو چین آ جاتا اگر
بار بار آتے نہ یُوں جبریل سدرہ چھوڑ کر([1])
وضاحت: حضرت جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم سِدْرَةُ الْمُنْتَهٰی کي ڇڏي بار بار بارگاهِ رسالت ۾ حاضر ٿيندا هئا، هن مان معلوم ٿئي ٿو ته کين محبوبِ خدا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جي جدائي ۾ چين نه ايندو هو، اگر چين ايندو هجي ها ته بار بار ايڏو ڊگهو سفر نه ڪن ها.
جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جون بارگاھِ رسالت ۾ حاضريون
امام عمر بن علي حنبلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: * حضرت جبريل امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم وٽ 12 ڀيرا تشريف فرما ٿيا * حضرت ادريس عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم وٽ 4 ڀيرا آيا * حضرت نُوح عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم وٽ 50 ڀيرا آيا*حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم وٽ 42 ڀيرا آيا*حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم وٽ 400 ڀيرا آيا*پر پياري آقا، محبوبِ خدا، امامُ الانبياء صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جي خدمت ۾ (12 ڀيرا نه، 20 ڀيرا نه، 50 ڀيرا نه، 2، 4 سئو ڀيرا نه، هزار، 2 هزار ڀيرا نه بلڪه) حضرت جبريل امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم منهنجي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جي خدمت ۾ 24 هزار ڀيرا حاضر ٿيا.)[2](
الله! الله! ڇا شان آهي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم تي پهرين وحي نازل ٿيڻ کان وٺي دنيا مان ظاهري پردو فرمائڻ تائين تقريباً 23