Book Name:Mahboobiyat e Mustafa
کوليون، نگاھِ مقدس آسمان ڏانهن کنيائون، بس پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جي نظر مبارڪ آسمان تي پوڻ جي دير هئي ته اوچتو آسمان مان هڪ باهه وسي جنهن انهن 40 جي 40 غير مسلمن کي ساڙي کاڪ ڪري ڇڏيو.)[1](
نُورِ خُدا ہے کفر کی حرکت پہ خندہ زن پھونکوں سے یہ چراغ بجھایا نہ جائے گا ([2])
سُبْحٰنَ الله! ڏسو! الله پاڪ کي پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم سان ڪهڙي محبت آهي...!! پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جي ڪهڙي ڪهڙي طرح حفاظت ڪئي وئي، مطلب ته محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم اهي بلند رتبا آهن جو جڏهن کان الله پاڪ سندن نور مبارڪ پيدا فرمايو، تڏهن کان هينئر تائين هر هر لمحو، هر هر ڏينهن، هر هر ڪلاڪ الله پاڪ جي نظرِ عنايت ۽ محبت، حفاظت ۽ نگهداشت پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم سان گڏ آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! هن مقام تي هڪ تمام خوبصورت ۽ ايمان افروز نڪتو (Point) آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ پنهنجي نبي حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جو شان بيان فرمايو آهي، ارشاد ٿئي ٿو:
وَ اَیَّدْنٰهُ بِرُوْحِ الْقُدُسِؕ (سيپارو: 3، البقرة: 253)
ترجموڪنزُ العرفان: ۽ پاڪ روح سان ان جي مدد ڪئي.
هي حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جو شان آهي ته پاڻ مُؤَيَّد بِالْجِبْرِيْل آهن يعني کين حضرت جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کان تائيد (Support) ۽ قُوَّت (Strength) ڏني وئي، حضرت جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي حڪم هو ته حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم سان گڏ رهن، تنهنڪري پاڻ سفر ۾، ۽ حضر ۾ حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم سان گڏ رهيا.[3] يقيناً هي به وڏو شان آهي پر قربان وڃجي! منهنجي ۽ توهان جي آقا، مڪي مدني