Mahboobiyat e Mustafa

Book Name:Mahboobiyat e Mustafa

فرمايو آهي. ان جي هڪ مثال (Example) هي به آهي ته *الله پاڪ حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم تي توريت شريف نازل فرمايو ته پورو توريت هڪ ئي ڀيري نازل فرمايو *حضرت دائود عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم تي زبور شريف نازل فرمايو ته پورو زبور شريف هڪ ئي ڀيري ۾ نازل فرمايو *حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم تي انجيل شريف نازل فرمايو ته پورو انجيل شريف هڪ ئي ڀيري ۾ نازل فرمايو، پر محبوبِ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم تي جڏهن قرآنِ ڪريم نازل فرمائڻ چاهيو ته پورو قرآن هڪ ئي ڀيري ۾ نه لاٿو بلڪه 23 سالن جي عرصي ۾ ٿورو ٿورو ڪري نازل فرمايو. آخر ڇو؟ ان ۾ به تائيدِ مصطفيٰ جو پهلو آهي، توهان قرآني آيتون ۽ انهن جا شانِ نزول پڙهي ڏسو! * منهنجي محبوب آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم کي جڏهن جڏهن ڪو اهم فيصلو درپيش ٿيو، الله پاڪ وحي نازل فرمائي*جڏهن جڏهن ڪو اهم واقعو پيش آيو، الله پاڪ وحي نازل فرمائي*تبليغِ دين ۾ ڪا مشڪل (Difficulty) پيش آئي، الله پاڪ وحي لاٿي*ڪافرن پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم کي ڏک پهچايو، الله پاڪ وحي لاٿي*غير مسلمن دلِ مصطفيٰ کي ڌڪ رسايو، ربِ ڪريم قرآني آيتون موڪلي تسلي ارشاد فرمائي*منافقن سازشون (Conspiracies) رچايون، الله پاڪ وحي موڪلي پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جي مدد ۽ نصرت فرمائي، مطلب ته 23 سالن تائين قرآنِ ڪريم جو نزول مسلسل جاري رهيو ۽ ائين هر هر موقعي تي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جي تائيد ۽ نصرت ۽ خصوصي مدد ۽ حفاظت (Help and Safety) جو سلسلو به هلندو رهيو.

ڪافرن جي 3 سوالن جا جواب

روايتن ۾ آهي: هڪ ڀيري قريش جي ڪافرن پاڻ ۾ صلاح (Consult)  ڪئي ته يهودي اهلِ ڪتاب آهن، اهي نبين سڳورن عَـلَيْـهِم الـسَّـلاَم جي باري ۾ ڄاڻ رکن ٿا، ان ڪري هنن ڪجهه ماڻهن کي يهودين ڏانهن موڪليو ته جيئن