Mahboobiyat e Mustafa

Book Name:Mahboobiyat e Mustafa

آهي، ان پوري عرصي ۾ محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم مسلسل الله پاڪ جي نظرِ عنايت ۽ محبت ۽ حفاظت ۽ نگهداشت ۾ آهن.

  قرآنِ ڪريم ۾ هڪ مقام تي الله پاڪ فرمائي ٿو:

الَّذِیْ یَرٰىكَ حِیْنَ تَقُوْمُۙ(۲۱۸) وَ تَقَلُّبَكَ فِی السّٰجِدِیْنَ(۲۱۹)    (سيپارو: 19، الشعراء: 218_219)

ترجموڪنزُالعرفان: جيڪو توکي ڏسي ٿو جڏهن تون بيهين ٿو ۽ نماز ۾ تنهنجي چڪر لڳائڻ کي (ڏسي ٿو).

هن آيت جو هڪ مطلب عالمن اهو بيان فرمايو آهي ته اي محبوبِ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم! حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کان وٺي حضرت عبداللہ ۽ حضرت آمنه رَضِیَ اللهُ  عَنْهُمَا تائين توهان جا جيترا ابا ڏاڏا (Ancestors) آهن، سڀ جا سڀ عبادت گذار ۽ سجدا ڪرڻ وارا آهن، توهان جو نور مبارڪ جڏهن انهن ۾ دورو ڪري رهيو هو (يعني هڪ کان ٻئي ڏانهن منتقل ٿي رهيو هو) توهان جو رب ان وقت به توهان کي ڏسي رهيو هو.)[1](

آقا ڪريم تي ربِ رحمٰن جون مهربانيون

الله! الله! اي عاشقانِ رسول! ٿورو غور ڪرڻ جو مقام آهي، سمجھڻ جي ڳالهه آهي ته الله پاڪ کي پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان ڪيڏي نه محبت آهي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ڪهڙين نه ڪهڙين عنايتن جي بارش آهي، الله پاڪ جڏهن کان پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو نور مبارڪ پيدا فرمايو، تڏهن کان ان پاڪيزه نور کي پنهنجي خاص حفاظت ۽ نگهداشت ۾ رکيو*پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ئي جو نور مبارڪ حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي پيشانيءَ ۾ رکي ملائڪن کان ان کي سجدو ڪرايو ويو  .* پوءِ اهو ئي


 

 



[1]... تفسیر مظہری،پارہ:19 ،الشعراء،زیرِ آیت: 219،جلد:5،صفحہ:311۔